بيواهه ڀيڻ جي گهر تي ڀاءُ جو قبضو،عورت پاران پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي

ڄام نواز علي (ن س) ٻيراڻي شهر جي شيخ پاڙي ۾ رهندڙ بيواه اڪبري شيخ جي گهر تي سندس ڀائرن ماستر صديق شيخ سان گڏجي گهر ۾ گهڙي سندس گهرتي قبضو ڪرڻ بعد کيس سخت مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو. بيواه پنهنجي ڀائرن جي ظلم خلاف ٻيراڻي ٿاڻي تي دانهن کڻي پهتي، پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتارڪري ورتو پربعد ۾ سياسي مداخلت تي کيس آزاد ڪري ڇڏيو. بيواه انصاف نه ملڻ تي ڄام نواز علي پريس ڪلب پهچي قبضو ڪندڙڻ خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته ٻن ڏينهن کان وٺي مون بيواه غريب سان ظلم ٿي رهيو آهي ٻيراڻي پوليس ڪيس وٺڻ لاء تيار نه آهي. هن چيو ته هي گهر مون کي منهنجي والد حياتي ۾,لکي ڏئي ويوآهي. منهنجي پي ء جي حياتي ۾  منهنجي ڀائرن ۽ ماستر صديق شيخ ڪڏنهن سندس علاج نه ڪرايو نه وري ڪا مالڪي ڪئي، هاڻي سڀ ملڪيت جي مالڪي ڪن پيا. هن چيو ته ماستر صديق، مختيارڪار سان ملي  ڪري جعلي کاتو ٺهرائڻ جي ڪوشش پيو ڪري.  مون غريب سان انصاف نه ٿيو ته پاڻ کي ٻارن سميت ٿاڻي سامهون باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس هن ايس اس پي سانگهڙ ڊي جي رينجرس آرمي چيف کي اپيل ڪندي چيو ڄاڻايل ماڻهن جي خلاف نوٽيس وٺي مون غريب سان انصاف ڪيووڃي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو