بيلا حديد ماڊلنگ کان بريڪ وٺي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)فلسطيني-آمريڪي سپر ماڊل اسابيل خير حديد، عرف بيلا حديد، ماڊلنگ کان وقفو ورتو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب بيلا حديد پنهنجي ذهني ۽ جسماني صحت لاءِ ماڊلنگ تان بريفنگ ورتي آهي.سندس ڀيڻ گيگي حديد ان فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته گيگي حديد کي خبر آهي ته سندس ڀيڻ جو فيصلو ڪجهه وقت لاءِ آهي جنهن کانپوءِ هوءَ فيشن انڊسٽري ۾ واپس ايندي.رپورٽن مطابق 10 سالن جي ڪيريئر کانپوءِ بيلا حديد پنهنجي ذاتي زندگي ۽ خوشين تي ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب 29 سالن جي بيلا حديد تازو ئي هڪ انٽرويو دوران ماڊلنگ ڪيريئر تان بريڪ وٺڻ جي ڳالهه ڪئي.هن چيو ته ماڊلنگ ۾ 10 سالن کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته مان ايتري توانائي، پيار ۽ ڪوشش ڪنهن شيءِ ۾ لڳائي رهي آهيان جو ضروري ناهي ته گهڻو وقت واپس وٺان.

پهنجو تبصرو موڪليو