بولان وٽ ڪار ڪلٽي 1 فوت 2 زخمي، ڪوئٽا منتقل

ڪشمور(رپورٽ جي ايم کوسو) بلوچستان جي بولان جي علائقي ۾ ڪوئيٽاروڊ تي پيش آيل  حادثي ۾ ھڪ ڄڻون فوت ٻه زخمي ٿي پيا، جن کي وڌيڪ علاج لاء ڪوئيٽا روانو ڪيو ويو آهي. نصيرآباد جي ھاء اسڪول جو ھيڊ ماسٽر احمد خان ڊومڪي پنھنجي دوستن سان گڏجي ڪوئيٽا وڃي رھيا ھئا ته بولان جي ويجھو ڪوئيٽاروڊ تي حادثو پيش آيو، جنھن ۾ ڪار ۾  سوار احمد خان ڊومڪي ٿڏي تي فوت ٿي ويوجڏھن ته ميرواھ جي ھاء اسڪول جو ھيڊ ماستر ظفربگٽي سخت زخمي ٿي پيو. جڏھن ته ايجوڪيشن سپورٽ پروگرام جو ڪلارڪ عمران ڊومڪي زخمي ٿي پيو. زخمين کي وڌيڪ علاج لاء ڪوئيٽا کڻي ويا. ياد رھي ته اھي سڀ ڊيرامراد جمالي کان ڪوئيٽا وڃي رھيا ھئا ته ڪار ڪلٽي ٿي پئي.

پهنجو تبصرو موڪليو