بورڊ جا فيصلا رد، 21 آفيسرن جي ترقي لاءِ ٻيهر غور جو حڪم

بورڊ جا فيصلا رد، 21 آفيسرن جي ترقي لاءِ ٻيهر غور جو حڪم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سينٽرل سليڪشن بورڊ جي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏيندي 21 آفيسرن کي ترقي لاءِ ٻيهر غور ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.عدالت پوليس سروس، پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس ۽ سول سروس سان لاڳاپيل 21 آفيسرن جي درخواستن تي فيصلو جاري ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس انعام امين منهاس هڪ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو.عدالت گريڊ 20 ۽ 21 ۾ ترقي کان محروم ڪيل 21 آفيسرن جي درخواستن کي منظور ڪندي سينٽرل سليڪشن بورڊ کي پروموشن رولز 2019 جي مطابق انهن آفيسرن جي ترقي تي ٻيهر غور ڪرڻ جو حڪم ڏنو.تفصيلي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته درخواست ڏيندڙن جي ڪيسن جو جائزو رائج طريقيڪار مطابق ورتو وڃي ۽ منفي راءِ جي صورت ۾ واضح سبب رڪارڊ تي آندا وڃن.درخواست گذارن ۾ ڊاڪٽر مطاهر شاهه، اقبال احمد شيخ، شڪيل احمد شڪيل، مرزا ناصر علي، مطيع الرحمان ممتاز، ولايت خان، سيد علي عدنان زيدي، محمد زاهد، ممتاز علي ٻوهيو، محمد امين قريشي ۽ عتيق الرحمان، محمد اسلم ڄامڙو، ڊاڪٽر محمد اختر، خانصاحب، برنيس احمد، بقول عباسي، نثار ابڙو ۽ عبدالرشيد احمد شامل آهن. قيصر احمد.ناصر خان، اسرار احمد خان، مجاهد اڪبر خان ۽ آغا محمد يوسف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو