بندش پيل فنڊنگ ڪيس، ايف آئي اي قانون مطابق ڪارروائي ڪري: هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بندش پيل فنڊنگ ڪيس ۾ ايف آئي اي انڪوائري جي خلاف پي ٽي آئي جي درخواست تي چيو ته ايف آئي اي قانون مطابق ڪارروائي ڪري. اربع تي پي ٽي آئي ۽ سينيٽر سيف الله نيازي جي درخواست تي جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي درخواست گذارن پاران بئريسٽر علي گوهر ۽ فيصل چوڌري جڏهن ته وفاق طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل ۽ اسسٽنٽ اٽارني جنرل عظمت بشير تارڙ عدالت ۾ پيش ٿيا ايف آئي اي سائبر ڪرائم ونگ جا آفيسر به عدالت ۾ پيش ٿيا ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جيڪا نئين درخواست داخل ٿي آهي ان جي اڃا مون کي ڪاپي ناهي ملي. جسٽس عامر فاروق چيو ته ايئن ڪيس ناهن ٺهندا ته بس رڳو ماڻهو کنڀيو ماڻهو کنڀڻ سان ڪا تفتيش ناهي ٿيندي هن چيو ته اهڙي طرح ڪيس ڪريو ٿا ته پوءِ عدالتن ۾ ڪيس اچن ٿا عدالت جڏهن فيصلو ڏي ٿي ته عدالتن تي الزام لڳن ٿا اڄ اوهان حڪومت ۾ آيو سڀاڻي هي هوندا ۽ ان کان پو3 ڪو ٻيو هوندو هن چيو ته حڪومتون اينديون وينديون رهن ٿيون پر ادارن کي هتي ئي رهڻو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال تياري لاءِ وقت گهري ورتو بئريسٽر علي گوهر چيو ته ايف آئي اي کي ڪنهن قسم جي ڪارروائي کان روڪيو وڃي عدالت ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو