بلڊنگ جو مرمتي ڪم مڪمل نه ٿيو، ٻارڙا جهوپڙي ۾ پڙهڻ لڳا

بلڊنگ جو مرمتي ڪم مڪمل نه ٿيو، ٻارڙا جهوپڙي ۾ پڙهڻ لڳا

چوهڙ جمالي (ناشاد ملاح) مين ڪئمپس بوائز پرائمري اسڪول جو ڪم گذريل ٽن سالن کان مڪمل نه ٿي سگهيو ڪم ڪرائيندڙ ٺيڪيدار ٻن مهينن کان اسڪول جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي گم ٿي ويو آھي جنهن جي ڪري اسڪول جو ڪم ٻن مهينن کان بند آھي. اسڪول بلڊنگ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ڪري ڪئمپس بوائز پرائمري اسڪول جا شاگرد سخت سردي ۾ به جهوپڙي نما اسڪول ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آھن. ان سلسلي ۾ هيڊ ماستر محمد اسماعيل ميمڻ ٻڌايو ته اسڪول بلڊنگ جي تعمير جو ٽينڊر ڊسمبر 2018 ۾ ٿيو هو جنهن جي پوڻا 3 ڪروڙ روپيا ماليت آھي ٺيڪيدار کي 6 مهينن ۾ اسڪول بلڊنگ جو ڪم مڪمل ڪرڻو هو پر 3 سال ٿي ويا آھن اڃان تائين اسڪول بلڊنگ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آھي هن وڌيڪ چيو ته ڪئمپس بوائز پرائمري چوهڙ جمالي جو مُک اسڪول آھي جنهن ۾ شاهبندر سميت جاتي ۽ کارو ڇاڻ تعلقي جا شاگرد تعليم پرائين ٿا اسڪول ۾ ٽوٽل 782 شاگردن جي داخلا آھي پر اسڪول ۾ فرنيچر سميت ڪابه بنيادي سهولت ميسر ناهي. ٻئي پاسي اهو به معلوم ٿيو آھي ته ايجوڪيشن ورڪس پاران ڪئمپس بوائز پرائمري اسڪول جي پارٽ بي جي لاءِ الڳ هڪ ڪروڙ 23 لک روپين جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو پر ان تي اڃان تائين ڪم شروع نه ٿي سگهيو آھي. اسڪول جي اختيارين سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو آھي ته اسڪول بلڊنگ جو رڪيل ڪم شروع ڪرائي پارٽ بي جو جلد ڪم شروع ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو