ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت پاران فلور ملز کي سرڪاري ڪڻڪ جي فراهمي باوجود صوبي ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جو بحران جاري آهي.فلور ملز ايسوسي ايشن پاران اڄ کان سرڪاري ڪڻڪ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ايسوسي ايشن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته خوراڪ کاتي پاران هر فلور مل کي رڳو 300 بوري ڪڻڪ ڏيڻ سراسر ناانصافي آهي، ان سان بحران ختم ٿي ويندو.فلور ملز ايسوسي ايشن مطالبو ڪيو آهي ته خوراڪ کاتي پاران آدمشماري تي ٻڌل پاليسي تحت فلور ملز کي ڪڻڪ فراهم ڪئي وڃي، خوراڪ کاتو فوري طور تي ڪڻڪ جو سيپٽمبر جو ڪوٽا جاري ڪري. ايسوسيئيشن اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ ڪڻڪ جي ماهوار ضرورت 16 لک بوري ڪڻڪ جي آهي، بلوچستان ۾ گهرج مطابق ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.










