ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ بلوچستان جي گهرو وزارت امن وامان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ضلعي مستونگ جي سب تعلقي کڏ ڪوچا ۾ ايندڙ حڪم تائين ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. گهرو معاملن واري معاون بابر يوسفزئي جو چوڻ آهي ته ڪرفيو دوران عام شهرين کي گهرن مان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ناهي، شهري امن وامان جي صورتحال جي پيشِ نظر انتظاميا جي حڪمن تي عمل ڪن. بابر يوسفزئي چيو ته ڪرفيو جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.










