ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)شيخ ڀرڪيو جي قديمي ڳوٺ بشير احمد بروهي ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جو پراڻو ڪارڪنن ۽ ڳوٺ ڌڻي بشير احمد بروهي به متاثرن سان گڏجي احتجاج مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو مظاهري دوران بشير احمد بروهي صديق شيخ نظر علي بروهي ويلو بجاڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هتان جا چونڊيل نمائينده ضلعي انتظاميا ٽنڊو محمد خان برسات متاثرن کي نظر انداز ڪري من پسند ماڻھن کي نوازي رهيا هنن چيو ته اسان جي ڳوٺ جي برسات متاثرن جي ڪا واهر ناهي ٿي سگهي اسان غريبن جا سوين گهر ڪري پٽ پئجي ويا آھن بکون پيا ڪاٽيون اسين غريب کلي آسمان هيٺ ويٺل آھيون گهرن ۽ فصلن ۾ پاڻي بيهجي ويو آھي مظاهرين چونڊيل نمائيندن ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي متاثرن جي واهر ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائيرو وڌايو ويندو.










