اسلام آباد ( بيورو) نيب چيئرمين آفتاب سلطان چيو آهي ته براڊشيٽ ڪيس ۾ نيب آفيسرن ايف آءِ اي اڳيان پيش ٿيندا.پارليامنٽ جي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ نئين چيئرمين نيب آفتاب سلطان پڻ شرڪت ڪئي.اجلاس دوران آفتاب سلطان چيو ته براڊشيٽ وارو ڪيس 2010 ۾ رجسٽرڊ ٿيو، براڊشيٽ ڪيس ۾ 3.7 ملين ڊالر جي رقم آهي، اپريل 2021 ۾ براڊ شيٽ ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن موڪليو ويو هو.ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته نيب ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي جي اختيارين واري دائري ۾ نٿو اچي، اختيارين واري دائري جي ڳالهه بعد ڪيس ۾ اڳڀرائي رڪي وئي.بعد ۾ نيب چيئرمين چيو ته براڊ شيٽ ڪيس ۾ نيب آفيسرن ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيندا.










