بدين ۾ اسمگل ٿيل موبائل فونز جوغير قانوني ڪاروبارعروج تي

بدين (رپورٽ مرتضيٰ ميمڻ) بدين موبائل فون مارڪيٽن ۾ چوري ڦر ۽ اسمگل ٿيل موبائل فونز جو غير قانوني ڪاروبار عروج تي لکين رپين جو ٽيڪس ۽ بجلي جي چوري جو انڪشاف. بدين شهر جنهن ۾ هن وقت 300 سئو لڳ ڀڳ موبائل فون سيٽ سندن ايسنسريز ۽  اسپيئر پارٽس جا رٽيلرز ۽ هول سيل جا دڪان هلي رهيا آهن جڏهن ته 100 جي لڳ ڀڳ ايزي پئسا موبي ڪئش يو ڪيش سميت عطائي مسترين جا دڪا الڳ آهن تي موبائل فون دڪاندار جي غير رجسٽرڊ تنظيم جي آڙ ۾ چائنا ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيز جا اسمگل چوري ڦر  ۽ گم ٿي ويل موبائل فون سيٽ جو ڪاروبار عروج تي آهي ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي تہ چوري ۽ ڦر جا موبائل فون خريد ڪندڙ دڪاندار موبائل جي مرمت جي عطائي مسترين وٽ موجود ناڪاره موبائل نمبر هٿ انهن جا آئي ايم ايز نمبرز  چوري ۽ ڦر ٿيل موبائل جي آئي ايم ايز نمبرن سان تبديل ڪرائيندا رھندا آھن جنھن ۾ موبائل فون تيار ڪندڙ ڪمپني جي بدين جي نمائيندن کان علاوہ ڪراچي جي هول سيل مارڪيٽ جا  واپاري به شامل آهن جڏهن اهي دڪاندار  ته ٻاهرين ملڪن کان اسمگل ٿي آيل ۽ پي ٽي اي کان غير منظور شده قيمتي موبائل ايڪٽيو ڪرڻ لاءِ سرڪار جو ٽيڪس ڀرڻ بجاءِ 2 کان 3 هزار وٺي  ڪراچي ۽ پشاور جي هول سيل مارڪيٽ جي واپارين کان سان ملي ڀڳت ڪري ناڪاره غير ملڪي مهانگن موبائل فون سيٽن جا آئي ايم ايز نمبر حاصل ڪري اسمگل ٿي آيل موبائل سيٽ چالو ڪندا رهيا آهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ڪجهه دڪاندار  شهرين کي وڪرو ڪيل قيمتي موبائل سيٽ تي ڪجھ وڌيڪ رعايت ڏيئي سيٽ وڪرو ڪرڻ بعد پي ٽي اي  جي ڪمپلين نظام ۾ ذريعي سيٽ کي چوري شده ڄاڻائي سيٽ بند ڪرائڻ بعد ساڳيو سيٽ خريدار سستي اگهه تي خريد ڪري ڪمپلين واپس وٺي موبائل سيٽ کي دوباره مهانگي اگهه تي وڪرو ڪندا رهن ٿا جڏهن شهر ۾  ملڪ جي 5 موبائل ڪمپنين جي بئلنس جا دڪاندار بئلنس ۽ ڪمپني مختلف پئڪيج لاءِ ايندڙ شهرين کان  انٽر نيٽ سوشل ميڊيا ۽ ڪالز پيڪيز تي ڪمپني ريٽ کان مٿي وصولي ڪندا رهن ٿا ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو تہ آهي شهر ۾ موبائل فونز توڙي ايسنسريز ۽ اسپيئر پارٽس جو هول سيل ۽ رٽيلز ذريعي صوبي جي ٻين شهرن جي  مارڪيٽن کان پنجوڻ تي وڪرو ڪري ماهانه لکين رپيا ڪمائيندڙ دڪاندار ايف بي آر سنڌ روينيو بورڊ يان ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي هڪ رپيو به ٽيڪس ادا نه ٿا ڪن نه ئي سندن دڪانن تي مختلف موبائل فون ڪمپنين جي لڳل سائن بورڊن جو ميونسپل ڪميٽي کي ڪرايو ادا ڪيو وڃي ٿو جڏهن تہ شهر اڪثر موبائل فون مارڪيٽن جي دڪاندانن جي بجلي به چوري جي هلي رهي آهي جنهن سبب موبائل فون مارڪيٽن جي علائقن خاص ڪري بلاول پارڪ کان شاهنواز چوڪ واري علائقي واري مارڪيٽ جا ٽرانسفارمر سڙي ويندا آهن ان سلسلي ۾ بدين جي شهرين ايف آئي آئي سنڌ جي ڊائريڪٽر ايس ايس پي بدين  انلينڊ روينيو ٽيڪس آفيس يونٽ 6 بدين جي ڊپٽي ڪمشنر سنڌ روينيو بورڊ ۽ ايڪسائيز جي ڊائريڪٽر کان مطالبو ڪيو آهي ته بدين موبائل فون ايسوسيئيشن جي آڙ ۾ هلندڙ غير قانوني ڪاروبار جو نوٽيس ورتو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو