اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اڄ بحرين کان ڪالام تائين روڊ کي بحال ڪري ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي.اهڙو اظهار وزيراعظم شهباز شريف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.سندس چوڻ آهي ته ڏکين حالتن باوجود روڊ کي ترجيحي بنيادن تي بحال ڪيو ويو.وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو آهي ته روڊ جي بحالي تي اين ايڇ اي، ايف ڊبليو او ۽ 11 ڪور جا عملدار ساراهه جا مستحق آهن.هن سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو آهي ته هن ٻوڏ متاثرن ۽ سياحن سان واعدو ڪيو آهي ته بحرين کان ڪالام تائين روڊ جلد کوليو ويندو.










