بجلي جوبحران ۽ سڙيل ٽرانسفارمرن جو مسئلو؟

بجلي جوبحران ۽ سڙيل ٽرانسفارمرن جو مسئلو؟

ليکڪ  محمد خالد ميمڻ
پاڪستان سميت ڪجھ ملڪن کانسواء باقي دنيا ۾ بجلي هاڻي ته ڪو مسئلو رهيو ئي ڪونه آھي پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ بجلي اڃان به ڏينهون ڏينهن وڏي ۾ وڏو مسئلو بڻجندي پئي وڃي ۽ رزانه بجلي مهانگي ٿيندي پئي وڃي جڏهن ته ميڊيا جي مختلف ذريعن ۽ دوستن جي طرفان مليل معلوماتن مان خبر پوندي آھي ته اگر ڪٿي به بجلي جا ٽرانسفارمر سڙي ويندا آھن ته انهن کي ٺاهڻ جي ذميواري واپڊا وارن جي آھي پر مان ته پنهنجي شعوري سوچ سمجھ جي زندگي جي شروعات کان هن مهل تائين سدائين اهو ڏٺو آھي ته جتي جنهن به شھر ڳوٺ ۾ بجلي جا ٽرانسفارمر سڙيا آھن اهي اتان جي رهواسين چندو ڪري ٺھرايا آھن ۽ اهو سلسلو اڃان تائين هلندو ٿو اچي مون کي هاڻي تازو هڪ واپڊا کاتي ۾ ڪم ڪندڙ دوست ٻڌايو ته جتي ٽرانسفارمر سڙڻ ٿا ان علائقي جا عملدار ٽرانسفارمرن جي مرمت جا پيسا کاتي کان ڪليم ڪري وٺن ٿا پر عوام تائين اهي پيسا نه ٿا پهچن ان ڪري عوام خود پاڻ ۾ ئي چندو ڪري اهي ٺھرائين ٿا ان ۾ به واپڊا جا عملدار ۽ سندن پرائيويٽ رکيل لائن مين پنهنجو حصو پتي وٺن ٿا جيئن ٽرانسفارمر جي مرمت تي اصل خرچ ايندو 20 هزار ته هو ٻڌائيندا 40 هزار خرچ مطلب ته اڌ پيسا هنن جي کيسي ۾ هليا ٿا وڃن ان جي لاء مان مثال ڏيندس ڦل شھر جو ڇاڪاڻ ته سڄي ملڪ جيان واپڊا وارن جي هن شھر سان ڪيل مسلسل ناجائزيون ۽  زيادتيون ايتريون ته وڌي ويون آھن جو جيڪڏهن مان اهو مڪمل ذڪر ڪيان ته هڪ وڏو ڏکن دردن تڪليفن جو هڪ وڏو ڪتاب لکجي ويندو ۽ اهو ”درد واپڊا“ داستان ڊائجسٽن ۾ لکجندڙ هڪ وڏي داستان جو روپ اختيار ڪري ويندو پر مان رڳو گذريل ڪجھ سالن جو ذڪر ڪندس ته سڄي ملڪ جيان ڦل شھر ۾ واپڊا وارن جا ڪيل ڪلور انتهائي ڏکوئيندڙ آھن شروع ۾ جڏهن هتي بجلي آئي ته هر ماڻھو گهرن ۾ بجلي جا ميٽر لڳرايا ۽ سڀڪو ماهوار ايندڙ بجلي جا بل ڀريندو هيو پوء آهسته آھسته واپڊا کاتي ۾ ڪرپشن شروع ٿي ۽ واپڊا عملدارن خود ڪنڊي سسٽم شروع ڪيو ۽ جڏهن ڪنڊي وسيلي بجلي چوري ٿيڻ لڳي ته پوء ان چوري ٿيل بجلي جا يونٽ ميٽر وارن تي ڊڊيڪشن ۽ بقاياجات جي نالي ۾ واپڊا واران لڳائڻ شروع ڪيا ۽ خرابي ان کان بعد شروع ٿي ۽ ميٽر وارن گهرن تي پنج سئو جي بجلي جي جاء تي پنج هزار روپيا بل اچڻ شروع ٿيا ۽ ڊڊيڪشنون لڳڻ ان کان علاوه آھن ته عوام ميٽرن مان بيزار ٿيڻ شروع ٿيا ۽ واپڊا آفيسن ۽ اعلي عملدارن تائين شڪايتون ڪيائون پر انهن شڪايتن جو ازالو بلڪل به نه ڪيو ۽ شڪايت ڪندڙن کي اهو چيو ويو ته قسط ڪرائي بل پياريو باقي ڪنهن جي دادرسي نه ڪيائون ڇاڪاڻ ته ننڍن لائين مينن کان وٺي وڏن اعلي عملدارن تائين منٿليون پهتيون پئي ۽ پوء عوام به ميٽر لاهرائي واپڊا جي لائين مينن ۽ انهن جي طرفان هر شھر ۾ رکيل پرائيويٽ لائين مينن جي تعاون سان منٿلي پيسا ڏئي ڪنڊيون لڳائي بجلي جي چوري شروع ڪري ڇڏي مطلب ته بجلي جي چوري ۾ واپڊا جو عملو مڪمل طور ملوث آھي هاڻي اچون ٿا ٿورو ڦل شھر ڏانهن جتي گذريل تقريبن ڏيڍ مهينو کان ڦل شھر جي مختلفن پاڙن جن ۾ ميمڻ محلا,پهنور محلا,مين اسٽاپ وٽ لڳل ٽرانسفارمرن جي باري ۾ واپڊا جي عملدارن جي چوڻ مطابق ته اهي سڙي ويا آھن حالانڪه ميمڻ محلا حافظ ثناء الله جي مشين وٽ لڳل ٽرانسفارمر متعلق ته پهريان خبر پئي هئي ته اهو انڪري نه ٿا هلائين جو پهنور محلا وارو ٽرانسفارمر سڙي ويو آھي اگر اسان هي هلايو ته ان علائقي جا ماڻهو هن مان بجلي استعمال ڪندا ۽ هي به سڙي ويندو پر هاڻي خبر پئي آھي ته هي به سڙي ويو آھي مطلب ته واپڊا وارن جا سڄي ملڪ جي عوام سميت ڦل شھر جي ماڻھن سان ڪلور وڌندا ٿا وڃن ۽ عوام به صفا ائين خاموش ٿي ويو آھي ڄڻ ته ڪجھ ٿيو ئي ناهي ڇوته عوام اهو سمجهي ٿو ته اسان جنهن واپڊا جي اعلي اختيارين اڳيان دانهون ڪوڪون ڪنداسين اهي اڳ ئي پليل هوندا انڪري ٿيندو ڪجھ به ڪونه ان ڪري عوام خاموشي اختيار ڪيو ويٺو آھي ۽ وڏي ۾ وڏي تڪليف به ان بي پهچ حضور شرم غريب مسڪين ماڻھن کي پهچي ٿي ڇوته انهن جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪوبه ڪونه آھي ۽ ڪي وري حضور شرمي سبب ڪنهن جي اڳيان دانهون نه ٿا ڪن ۽ نه ئي ڪنهن کان بجلي گهرن ٿا جڏهن ته کوڙ سارا ماڻھو وري پنهنجو اثررسوخ پنهنجي عهدن جو استعمال ڪري بجلي ڪٿان نه ڪٿان ڇڪرائي ٻارين ٿا پيا ۽ ڪي وري مالي طور سکيا آھن ته سولر ۽ جنريٽرن وسيلي بجلي جي پورت ڪن تا پيا ان ڪري انهن جي لاء ڄڻ ته بجلي جا ٽرانسفارمر سڙيل يان خراب آھن ئي ڪونه انڪري باقي رهيل عوام سخت تڪليف ۾ مبتلا آھي ۽ اهو عوام به تڪليف ۾ هوندي به مجبورن خاموشي اختيار ڪيو ويٺو آھي ۽ گهرن کان نڪري ڪوبه احتجاج ڪابه ڪمپلين ڪرڻ لاء تيار ناهي ڇوته ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ واپڊا عملدارن طرفان کلي ڪچھريون رکي عوام جا بجلي متعلق مسئلا حل ڪرڻ جا سبز باغ پڻ ڏيکارڻ به هڪ معمول بڻيل آھي پر اهابه صرف هڪ خانه پوري آھي انهن کلي ڪچھرين ۾ ڪوبه بجلي جو مسئلو حل ڪونه ٿو ڪيو وڃي ان ڪري منهنجي وفاقي سرڪار,سنڌ سرڪار,واپڊا جي اعلي اختيارين کي اپيل آھي ته خدارا بجلي جي نالي تي واپڊا کاتي جا جيڪي به ڪرپٽ آفيسر وڏا توڙي ننڍا ملازم ۽ سندن رکيل پرائيويٽ ماڻھن کي پڪڙي انهن کي سزائون ڏئي واپڊا کاتي کي صاف ڪري عوام کي بجلي جا ميٽر قسطن تي فراهم ڪري 24 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪئي وڃي ۽ ڪنڊي وسيلي چوري روڪي بجلي جي بلن ۾ ناجائز ڊڊيڪشنون ۽ ناجائز بقاياجاتون ختم ڪري جيڪو به جيترا بجلي جا يونٽ استعمال ڪري ٿو ان ڏي صحيح بل موڪليو وڃي پوء اگر ڪو بجلي جو بل نه پياري ۽ بجلي چوري ڪري ته ان تي سخت کي سزا ڏني وڃي ۽ ڦل شھر سميت سڄي ملڪ جي جن به پاڙن جا ٽرانسفارمر سڙيل يان ٿوري خرابي سبب بند پيا آھن اهي واپڊا وارا پاڻ ٺھرائين ته جيئن  پريشانين ۾ مبتلا عوام ڪو سک جو ساه کڻي ۽ ملڪ جو عوام سڪون سان رهي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو