بارکهان ۾ ڪليئرنس آپريشن، 7 دهشتگرد مارجي ويا، پنج جوان شهيد

بارکهان ۾ ڪليئرنس آپريشن، 7 دهشتگرد مارجي ويا، پنج جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪور بلوچستان جي فوجين ضلعي بارکھان جي نوشم علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن دوران هندستان جي حمايت يافته فتنه الھندوستان جي 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. هٿياربند فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ، آءِ ايس پي آر موجب، سخت جهڙپ دوران فيلڊ آفيسر سميت ملڪ جا 5 بهادر پٽ شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر موجب، شهيدن ۾ ميجر توصيف احمد ڀٽي، نائيڪ فدا حسين ۽ سپاهي ذاڪر حسين شامل آهن.هٿياربند فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب، هندستان جي حمايت يافته فتنه الھندوستان جي دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيل آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي گروهه جو سراغ لڳايو ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب، پرڏيهي سرپرستي واري دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ سخت آپريشن جاري رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو