اڄ کان پيٽرول 5.15 روپيا، ڊيزل 5.65 روپيا في لٽر مهانگو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان اوگرا جي پيٽروليم اگهن وڌائڻ بابت سمري منظور ڪندي عوام تي مهانگائي جو هڪ ٻيو بم ڪيرائي ڇڏيو. حڪومت پاران وڌايل اگهن بعد پيٽرول جي في لٽر اگهه ۾ 5 رپيا 15 پيسا واڌ بعد پيٽرول جو نئون اگهه 117 رپيا 83 پيسا ٿي ويو. هاءِ اسپيڊ ڊيزل في لٽر 5 رپيا 65 پيسا مهانگو ثيڻ بعد نئين قيمت 132 رپيا 47 پيسا ٿي وئي، گاسليٽ جي اگهن ۾ 5 رپيا 38 پيسا واڌ ڪرڻ بعد ان جي نئين قيمت 103 رپيا 84 پيسا في لٽر ٿي وئي. اهڙي ريت لائيٽ ڊيزل به 8 رپيا 90 پيسا مهانگو ڪيو ويو آهي ۽ نئون اگهه 90 رپيا 52 پيسا في لٽر ٿي ويو. پيٽرول سميت تيل جا نوان اگهه خميس پهرين آگسٽ کان لاڳو ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو