اسلام آباد (بيورو رپورٽ) (ن) ليگ جي مرڪزي اڳاوڻ ۽ گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته ڪابينه جي اجلاس ۾ڪافي تجويزون اچن ٿيون اڃا تائين ايمرجنسي لڳائڻ تي ڪو فيصلو ناهي ٿيو پنهنجي بيان ۾ رانا ثناءُالله چيو ته پوليس ۽ رينجرز اهلڪار هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران موجود آهن گورنمينٽ طرفان ڪائي رعايت نه هوندي جيڪڏهن آرڊر اچي ٿو ته گرفتار نه ڪيو وڃي ته ان مطابق عمل ڪيوويندو هن چيو ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو جواز بڻجندو ته گرفتار ڪيو ويندو القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ کيس ٻن هفتن جي ضمانت ڏني وئي آهي جيڪو گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ٿيو ان جو مثال گذريل 75 سالن ۾ نٿو ملي سهولتڪاري لاءِ نوان طريقا ايجاد ٿي رهيا آهن عدليه طرفان ان کي ڀليڪار چيو پيو وڃي رانا ثناءُالله چيو ته قانون مطابق ان جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين عمران خان جون پنهنجون ذاتي تقريرون موجود آهن جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي عمران خان جي حڪم تي ٿيو آهي عمران خان پاڻ اها صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي جيڪو عمران خان ڪيو اهو واضح ٿي ويوآهي.










