اٿارٽي هوٽلن جي فوڊ هينڊلز کي تربيت فراهم ڪري پئي

اٿارٽي هوٽلن جي فوڊ هينڊلز کي تربيت فراهم ڪري پئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو آهي ته سنڌ فوڊ اٿارٽي ننڍن هوٽلن کان وٺي ڪري فائيو اسٽار هوٽلن تائين جي فوڊ هينڊلرز/اسٽاف کي فوڊ سيفٽي/ صحت، صفائي سٿرائي جي اصولن جي سلسلي ۾ تربيت فراهم ڪري رهي آهي ۽ آهستي آهستي کاڌي پيتي جي شين جي ڪاروبار کي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي دائري اختيار ۾ آڻي رهي آهي. اها ڳالهه هن هتي فائيو اسٽار هوٽل موون پڪ Movenpick جي اسٽاف ميمبرن جي تربيتي سيشن جي بعد سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي دوران چئي. هن وڌيڪ چيو ته پهرين مرحلي ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي فوڊ هينلڊلرز کي تربيت فراهم ڪري رهي آهي ۽ اڳلي مرحلي ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي سيلف اسيسمينٽ پروگرام تي ڪم ڪندي. ان موقعي تي هوٽل جي مينيجر خرم اعواڻ هوٽل جي عملي کي تربيت فراهم ڪرڻ تي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جو شڪريه ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سنڌ فوڊ اٿارٽي عملي جي تربيت جي سلسلي ۾ پنهنجو سهڪار جاري رکنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو