اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ علامه راجه ناصر عباس اسان پارليامينٽ ۾ هنيل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي راجه ناصر عباس چيو ته اسيمبلي ميمبرن عمران خان جي صحت جي حوالي سان احتجاج ڪيو، اسان صحت جي معاملي کي عدالت کڻي وياسين اسان جو مطالبو اهوئي هو ته باني کي ذاتي معالجن سان ملايو وڃي.هن چيو ته اسان ڏٺو ته پارليامينٽ کي جيل خانو ٺاهيو ويو هو، اسان پارليامينٽ کان ٻاهر وڃي رهيا هئاسين ته رستا بند ڪيا ويا. پارليامينٽ ۾ احتجاج دوران اسان تي تمام گهڻيون بندشون لڳايون ويون. عمران خان جي اک بابت خبر آ؟ي ته محمود اچڪزئي چيو ته اسان بک هڙتال ڪنداسين اسان انهي لاءِ احتجاج ڪيو ته ذاتي معالجن کي باني تائين پهچ ڏني وڃي.سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ جو چوڻ هو ته ڀينرن جا جذبات پنهنجي جڳهه تي صحيح آهن، انهن کي ملاقات جي اجازت ڏني وڃي، عمران خان جي اکين جي بهتري جي اميد آهي، انهي کي شفا انٽرنيشنل منتقل ڪيو وڃي.










