ٻيٽن جي والار خلاف ٺهراءُ منظور، سنڌ وفاق جي ڪالوني ناهي، شاهه

ٻيٽن جي والار خلاف ٺهراءُ منظور، سنڌ وفاق جي ڪالوني ناهي، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ٻيٽن تي وفاقي والار ۽ پاڪستان آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو. پ پ ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ اپوزيشن جي گوڙ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، اپوزيشن طرفان اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ۽ نعريبازي ڪئي وئي. متحده ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبرز واڪ آئوٽ ڪري ويا، جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبر شهريار شر واڪ آئوٽ نه ڪيو، ٺهراءُ ۾ آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس کي رد ڪندي چيو ويو آهي ته ڏنگي ۽ ڀنداڙ ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، وفاقي حڪومت ٻيٽن تي قبضي لاءِ غيرآئيني طريقي سان آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس جاري ڪيو، سنڌ اسيمبلي، حڪومت ۽ صوبي جو عوام آرڊيننس کي رد ڪري ٿو، ٺهراءُ ۾ ٻيٽن تي قبضو ۽ آئيلينڊ اٿارٽي صوبي جي عوام جي حقن تي راتاهو قرار ڏنو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي انڪشاف ڪيو ته هڪ وفاقي وزير ڌمڪي ڏني ته ڪيپٽن صفدر خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪريو نه ته حڪومت هلي ويندي. مون کيس چيو ته سنڌ وفاق جي ڪالوني ناهي، اسان لاءِ حڪومت کان وڌيڪ مهمان جي عزت آهي، جيڪو ٿيو ڏٺو ويندو. جنهن بعد سنڌ جي آءِ جي کي سومر تي صبح جو حراست ۾ وٺي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتاري جو زبردستي حڪم جاري ڪيو ويو. هن چيو ته اسين پوليس جي توهين برداشت نه ڪنداسين ۽ ڏکئي وقت م پوليس سان گڏ آهيون. هن چيو ته 5 وزيرن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهيون پيا ۽ آرمي چيف جا شڪر گذار آهيون جنهن نوٽيس وٺي جاچ جو حڪم جاري ڪيو. سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته اسين ٻيٽن جي معاملي تي سنڌ جي قومپرست ڌرين سان گڏ آهيون اسانجو موقف ساڳيو آهي. ياد رهي ته سنڌ اسمبلي جو اجلاس پراڻي بلڊنگ ۾ منعقد ڪيو ويو ڇو ته اربين روپين جي لاڳت سان ٺهيل نئين عمارت گذريل بارشن سبب خراب ٿي وئي هئي، بجلي ۽ جنريٽر جو نظام به ٻن مهينن کان خراب آهي جيڪو ٺيڪ ناهي ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو