اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ايڪشن ڪميٽي ٽروٿ ڪميشن جي قيام واري تجويز بابت منهنجي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران کيس خط جو جواب ملي ويو آهي، جنهن ۾ ٽروٿ ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز جي جواب ۾ ايڪشن ڪميٽي پنهنجي تجويز موڪلي آهي. هن چيو ته هر قيمتي جان جو زيان هڪ قومي سانحو آهي ۽ ان وقت سندس پهرين ترجيح موجوده بحران کي ختم ڪرڻ، عوام کي فوري ريليف ڏيڻ ۽ آزاد جمون و ڪشمير ۾ جلد کان جلد معمول جي زندگي بحال ڪرڻ آهي.بلاول ڀٽو چيو ته مان ان ڳالهه جي آجيان ڪريان ٿو ته هنن تجويز ڪيل ڪميشن کي اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ امڪاني ادارتي رستي طور قبول ڪرڻ تي آمادگي ڏيکاري آهي، هن ڪميشن جي توثيق هاڻي آزاد جمون و ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي به ڪري چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته مان سندن تجويز جو به غور سان جائزو وٺندس ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سان پڻ مشاورت ڪندس. آزاد ڪشمير جو وزيراعظم وفاقي حڪومت ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان شروعاتي راءِ وٺندو ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته ڪنهن گڏيل تجويز کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪو گڏيل بنياد موجود آهي يا ناهي.










