ايل پي جي جي قيمت ۾ 20 رپيا في ڪلو غير اعلانيه واڌ

ايل پي جي جي قيمت ۾ 20 رپيا في ڪلو غير اعلانيه واڌ

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) رمضان المبارڪ کان اڳ ئي ايل پي جي جي قيمت ۾ غير اعلانيه 20 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي.ايل پي جي مافيا سرڪاري اگهه کي نظر انداز ڪندي 20 رپيا في ڪلو مهانگو ڪري ڇڏيو آهي.ايل پي جي ڊسٽريبيوٽرز ايسوسي ايشن جي چيئرمين عرفان کوکر نئين چونڊيل حڪومت کان ايل پي جي مافيا خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ حڪومتي رليف پيڪيج اڃا شروع ناهي ٿيو. پر ايل پي جي مافيا گئس جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام کان رليف وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو