لاهور (م ڊ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فرخ حبيب کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.فرخ حبيب پي آءِ اي جي اڏام ذريعي دبئي وڃي رهيو هو ته ايف آءِ اي کيس روڪيو ۽ سندس پاسپورٽ، بورڊنگ ڪارڊ ۽ سامان ضبط ڪيو ويو.ذريعن موجب فرخ حبيب جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ٿيڻ سبب روڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي فرخ حبيب کي ايئرپورٽ تي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، فرخ حبيب ايف آءِ اي جي گرفتاري کان فرار ٿي ويو ۽ ايئرپورٽ ڇڏي ويو.ان حوالي سان فرخ حبيب جو چوڻ آهي ته هو گهرواري جي عيادت لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو هو، گهرواري جي جگر جو ٽرانسپلانٽ ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو آهي، ايف آءِ اي مون کي روڪيو، منهنجو پاسپورٽ ۽ هينڊ بيگ وٽس آهي.










