ايريگيشن ملازم تي حملو، پوليس جو ڪيس وٺڻ کان انڪار

صالح پٽ (نياز مهر) آر ڊي 159 اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ ايريگيشن ملازم حاجن مهر احتجاج ڪندي چيو آهي ته عنايت ڀنڀرو اسٽيشن تي ماڻهون ساڻ ڪري مون تي قاتلاڻي حملي جي ڪوششن ڪئي جيڪا دانهن مون صالح پٽ پوليس کي ڏني جنهن تي هو واپس هليو ويو ۽ ڌمڪيون ڏيندي چيو ته هي علائقو ڇڏي وڃ نه ته تنهنجو برو حشر ڪيو ويندو. هن چيو ته مون اهڙو اطلاع پنهنجي ايريگيشن جي آفيسرن کي ڪيو آهي جنهن مون کي صالح پٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ليٽر ڏنو آهي پر بااثر هجڻ ڪري پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي آهي ته عنايت ڀنڀرو خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو