ايران ۽ سعودي ۾ ويجهڙائپ وقت جي اهم ضرورت 

ايران ۽ سعودي ۾ ويجهڙائپ وقت جي اهم ضرورت 

اعجاز ممنائي
ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اعليٰ سطحي رابطا ٿيا آهن. هي رابطو هڪ نئين طرز طرف ڏانهن اشارو آهي. سعودي عرب ۽ ايران جي اتحاد جا تمام وڏا فائدا آهن ميڊيا رپورٽن موجب سعودي بچاءَ واري وزير خالد بن سلمان جي ايران جي سپريم اڳواڻ آيت الله خامنه اي ۽ ايران جي اعليٰ قيادت سان ملاقات ڪئي.جنهن ۾ سعودي عرب جي دفاع واري وزير ايران ڏانهن سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عزيز جو اهم پيغام پهچايو آهي ان حوالي سان ايراني صدر مسعود پاشڪيان چيو ته سعودي عرب سان لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ تيار آهيون ڇو ته سعودي عرب سان دوستي اسلامي دنيا جي مفاد ۾ آهي تنهنڪري اهو اتحاد موجوده حالتن ۾ سٺو ۽ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته هو سعودي عرب سان سيڙپڪاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ نه رڳو تيار آهن پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار وڌائڻ لاءِ مخصوص معاهدا ضروري آهن. هن جو چوڻ هو ته ايران ٻه طرفا معاشي لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اسانکي هڪ ٻئي سان بهتر لاڳاپا رکڻ گهرجن.هن جو چوڻ هو ته واپار شروع ڪرڻ ۽ وڌائڻ لاءِ اسان کي ڪجهه معاهدن جي ضرورت آهي، بنيادي معاهدا ٻٽن ٽيڪسن کي ختم ڪرڻ، ٻه طرفه سيڙپڪاري ۽ ڪسٽمز رولز جي بابت آهن. هن پاڙيسري ملڪن سميت سعودي عرب، قطر ۽ اومان سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ايراني عزم کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ملڪب پرڏيهي دخل اندازي خلاف خطي جي ملڪن وچ ۾ مضبوط معاشي لاڳاپن جي اهميت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته خطي جي خودمختياري کي قائم رکڻ ۽ استحڪام لاءِ مضبوط معاشي سهڪار تمام ضروري آهي۔  ايراني صدر چيو ته هيء خطو سعودي عرب سان گڏ آهي انڪري اتحاد سان ڪيترائي مسئلا حل ڪري سگھجن ٿا.تازي ملاقات کانپوء سعودي عرب ۽ ايران جي اتحاد ۾ وڌيڪ اسلامي ملڪ پڻ شامل ٿي رهيا آهن هن وقت امت مسلمه ڪيترن ئي مسئلن ۾ گهيريل آهي ان جو واحد حل انهن ٻنهي اهم ملڪن جو هڪ ٿيڻ آهي۔ ڇوته هن صورتحال ۾ او آءِ سي جو ڪردار ڪي خاص نتيجا نه نه پيو ڏئي ان جو هڪ سبب او آئي سي جو غير فعال هجڻ آهي يعني اسلامي ملڪن جي اها اهم تنظيم پنهنجي اهميت وڃائي چڪي آهي. هاڻي ايران، سعودي عرب، پاڪستان ۽ ٻيا اسلامي ملڪ دنيا ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪري سگهن۔ جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي نئون اتحاد ٺاهينداسين ته اسلام دشمن ملڪن لاء ڏکيو ٿي سگهي ٿو اهو اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي ۽   هڪ نئين انقلابي تبديلي آڻي سگهي ٿو. سعودي عرب اقتصادي طور تي تمام مضبوط ۽ تيل جي دولت سان مالامال آهي هي اتحاد سعودي عرب کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو جڏهن ته ايران پابندين سبب تيل وڪرو به نٿو ڪري سگهي، جنهن ڪري هن جي معيشت کي ڪمزور ٿي رهي  آهي. هي ٻئي ملڪ بهترين مستقبل لاءِ هڪ ٻئي جا بهترين مددگار ٿي سگهن ٿا پر شرط اهو آهي ته هو اڳتي وڌڻ جي جرئت ڪن. آمريڪا سميت ڪيتريون ئي قوتون نه ٿيون چاهين ته ايران ۽ سعودي عرب اڳتي وڌن. عالمي سازشن جي ڪري انهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ اتحاد ڏکيو ٿيندو ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته سعودي عرب کي باضابطه طور ايران سان اتحاد ڪرڻ کان روڪيو وڃي.ڇوته ايران اسلام دشمن اسرائيل ۽ آمريڪا ٻنهي کي چيلينج ڪري رهيو آهي. موجوده پوزيشن ايران لاءِ وڏي خطري جي نشاندهي ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ايران کي ايٽمي طاقت حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. آمريڪا جي اها پاليسي آهي ته ايٽمي هٿيارن کي هٿيار طور استعمال نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ايران کي خطرناڪ هٿيارن ۾ تبديل ٿيڻ کان اڳ ئي ان جي مقصد حاصل ڪرڻ کان روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اها ڳالهه سڀني کي معلوم آهي ته ايران مڪمل ايٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ کانپوءِ سخت جوابي ڪارروائي جي پوزيشن ۾ هوندو. ايران پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته جيئن جنگ ۽ مصيبت جي وقت ۾ پاڙيسري تعاون نه ڪن ته گهٽ ۾ گهٽ دشمنن سان نه بيهن.سعودي عرب آمريڪا، اسرائيل يا ڪنهن ٻي طاقت کان جوابي ڪارروائي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. سعودي عرب جون پاليسيون ٻين جي به قرضي آهن، پر ان جي مضبوط معيشت ان کي ايترو نقصان پهچڻ نه ڏيندي. ايران معاشي طور تمام ڪمزور ملڪ آهي ۽ ڪنهن به ملڪ سان جنگ جي صورت ۾ ايران کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو. آمريڪا جون پاليسيون سعودي عرب ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي سامهون سٺي نموني ثابت ٿيون آهن ٻئي پاسي آمريڪا پنهنجن مفادن کي اوليت ڏئي ٿو. هئڻ ته ائين  گهرجي ته ڪنهن ملڪ جي حڪومت پنهنجي عوام جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري ۽ ڪوششون ڪرڻ ۾ ڪو به حرج ناهي، پر سٺي ۽ خراب کي اخلاقي طور تي غور ڪرڻ ضروري آهي. سعودي عرب آمريڪا يا ڪنهن ٻئي مضبوط ملڪ جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، ان ڪري اهو هر وقت دٻاءُ هيٺ هوندو آهي. سعودي عرب سميت دنيا چڱيءَ طرح واقف آهي ته ڪيئن يوڪرين کي تازو جاري يوڪرين-روس جنگ ۾ مجبور ڪيو ويو. ڪينيڊا ۽ ڊينمارڪ سميت ڪيترن ئي ملڪن تي ٽارف لاڳو ڪيا. ٽيرف ۾ اضافو ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. آمريڪا جو ٻين ملڪن سان جيڪو رويو آهي، اهو هرڪو ڄاڻي ٿو. سعودي عرب به آمريڪي دٻاءُ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، جيتوڻيڪ اهو تمام ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ناهي. آمريڪا سعودي عرب کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ملڪن کي پريشان ڪري رهيو آهي. آمريڪا ايران سان ڪنهن به طاقت سان جنگ ڪري سگهي ٿو جيڪڏهن ائين ٿيو ته سعودي عرب لاء به  خطرو آهي.هن وقت وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ امن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيل چاهي ٿو ته گريٽر اسرائيل وجود ۾ اچي ۽ ان لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي، ايتري قدر جو وچ اوڀر کي به تباهه ڪري رهيو آهي. آمريڪا به اندروني توڙي ٻاهرين طور اسرائيل جي تمام گهڻي مدد ڪري رهيو آهي. ايران ۽ سعودي عرب جي اتحاد سان اسرائيل لاءِ رڪاوٽ بڻجي سگهن ٿا. ان ڪري آمريڪا ۽ اسرائيل نه چاهيندا ته ايران ۽ سعودي عرب متحد ٿين. معيشت کانسواءِ ايران ۽ سعودي عرب دفاعي لحاظ کان به مضبوط ٿي سگهن ٿا. جيئن ته ظاهر آهي ته سعودي عرب به ايران سان دلچسپي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪري رهيو آهي ته ٻيا ملڪ به ان اتحاد ڏانهن رخ ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن جائزو وٺجي ته اسلامي ملڪ خوف ۽ پنهنجي مفادن جي ڪري متحد ٿيڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا آهن ۽ اها ناڪامي کين سخت نقصان پهچائي رهي آهي. ظاهر آهي ته سعودي عرب به ڪيترين ئي مشڪلاتن سبب وڏين طاقتن کي منهن ڏيڻ جي همت نٿو رکي، پر هو ايران ۽ ٻين ملڪن سان اتحاد ٺاهي ڪيترن ئي مشڪلاتن کي پار ڪري سگهي ٿو. فوج کان علاوه سعودي عرب ۽ ايران جا ٻيا به اختلاف آهن جن کي نظر انداز ڪرڻ وقت جي تقاضا آهي جيڪڏهن ٻئي ملڪ اڳتي وڌڻ چاهين ٿا ۽ امريڪا ۽ اسرائيل جو مقابلو ڪرڻ چاهين ٿا ته هي سٺو موقعو آهي.ايران ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ان حد تائين پهچي چڪا آهن جنهن کي مثالي چئي سگهجي ٿو، پر ٻيا اسلامي ملڪ اڃان وڌيڪ بهتر ٿيڻ جي اميد ڪري رهيا آهن. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي
ته جيڪڏهن اهي ٻئي اسلامي ملڪ هڪ ٿي ويا ته آمريڪا يا ٻيون يهودي طاقتون نه رڳو پريشان ٿي  سگهن ٿيون بلڪه جهڪي سندن قدمن ۾ اچي سگهن ٿيون۔ اسلام دشمن اهي هر ممڪن ڪوشش ڪندا ته ايران ۽ سعودي عرب هڪ ٻئي جي ويجهو اچي نه سگهن. پر ٻنهي ملڪن کي سوچڻ گهرجي ته ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏيڻيون پوبديون آهن. ايڏو وڏو مقصد حاصل ڪرڻ ڪو آسان ناهي پر مقصد جي حصول لاء گهڻو ڪجهه توهان کي قربان ڪرڻو پوندو. ايران ۽ سعودي عرب جي معرفت اسان قربانيون ڏئي دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهون ٿا۔پوري دنيا لاء ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ پڻ ضروري آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيتريون ئي پيچيدگيون آهن جيڪڏهن انهن کي ورجائبو ته اتحاد کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو