ايراني صدر جو دورو،ڇا پاڪستان مغربي غلامي مان نڪرڻَ چاهي ٿو ؟

محمد اسماعيل لانگاھ
پاڪستان کي سڀ کان پهرين تسليم ڪندڙ پاڙيسري سرحدي ملڪ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جو دورو پاڪستان توڙي مغرب ۽ وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل ڪشيدگي سميت پاڪ ايران تعلقاتن لاء انتهائي اهم سمجهيو پيو وڃي اڪيلي آمريڪا لاء انتهائي ڳڻتي جو سبب بڻجي سگهي ٿو ڇو ته ايران جو دنيا جي انهن اسلامي ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو جيڪو آمريڪا ۽ وچ اوڀر ۾ ويهاريل اسرائيل لاء انتهائي ناقابل قبول ملڪن ۾ شامل آهي ۽ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اسرائيل ۽ فلسطين ۾ هلندڙ جنگ جو آمريڪا ايران کي ذميوار سمجهي رهيو آهي ۽ابراهيم رئيسي جو هي پاڪستاني دورو پاڪ ايران معاشي توڙي اندروني حالتن کي سازگار ۽َبهتر بڻائڻَ لاء عالمي مبصرين پاران نتهائي اهم قرار ڏنو ويو آهي ڇو ته پاڪستان هن وقت مغربي ملڪن جي غلامي ۾ اهڙو ته جڪڙجي چُڪو آهي جو هن جو ائٽمي طاقت هئڻ ڪا اهميت نه ٿو رکي پاڪستان هن وقت مغربي غلامي سبب جنهن مجبورين ۾ ڦاٿل اهو آهي آء ايم ايف جو قرض ۽ سرحدي دهشتگردي جنهن کي منهن ڏيڻَ لاء مجبوري ۾َ مغربي غلامي مان پاڪستان جو نڪرڻ ناممڪن ۽َ مشڪل ٿي ويو آهي اهڙين حالتن ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو دورو پاڪستاني حڪمرانن کي دلجاء ۽ آٿت ڏيڻَ ئي سمجهڻَ گهرجي ايران مغربي دشمني کي دل سان قبول ڪرڻَ بجاء کين ڪابه آڻَ مڃڻَ لاء راضي ناهي مطلب ته ايران پاڪستان کان وڌيڪ طاقتور ملڪن ۾َ شامل ٿي چُڪو آهي جيڪو آمريڪا جي پاليل اسرائيل کي اکيون ڏيکاريندو اچي پيو تازو فلسطين معاملي تي اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ ٿيل جهڙپن ۽ ميزائل حملن کان پوء روس چين سنئون سڌو ايران جي ساٿ ڏيڻَ جو اعلان ڪيو پر پاڪستان ائٽمي طاقت ۽َ سپرپاور اسلامي ملڪ هئڻ جي هن سنگين معاملي تي ناتي ڪوبه چٽو موقف پيش نه ڪري سگهيو مطلب ته اسانجي ملڪ ۾ اها وصيعت ئي ناهي رهي ته هو آمريڪا اسرائيل يا مغرب خلاف ايران.اسرائيل معاملي تي ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي اهڙين حالتن ۾ ايراني صدر جو هي دورو ڇا پاڪستان لاء وڏي پريشاني يا آساني پيدا ڪندو اهو پاڪستان جي اندروني سياسي توڙي معاشي حالتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو
ايران پاڪستان جو ويجهو پاڙيسري ملڪ آهي.جنهن مسلمان هئڻَ ناتي پاڪستان کي معاشي بُحران مان ڪڍڻ جون حد کان وڌيڪ آڇون ڪندو آيو پر معاشي طور مغربي غلامي جي زنجير ۾ جڪڙيل اسانجي حڪمرانن ايران جي انهن جي سڀني آفرن کي آمريڪي ڊپ ۽ پابندين جي خوف کان ٺُڪرائي ڇڏيو ايران پاران پاڪستان سان پ پ جي سابق وفاقي حڪومت ۽ هاڻوڪي صدر آصف زرداري جي لکت ۾ گئس تيل پائپ لائين منصوبي جو سنگ بنياد رکيو جيڪو پاڪستان لاء زهر جو پيالو پيئڻ برابر هو پر ٿيو به ائين ئي آمريڪي دٻاءُ سبب پاڪستان ان ايراني همدردي کي پُٺي ڏئي ان منصوبي کي هن وقت تائين مڪمل نه ڪيو ايران پاران پاڪستان حڪومت مٿان وقت بوقت زور ڀريو پئي ويو ته يا منصوبي کي مڪمل ڪريو يا خرچ ڀري ڏيو بحرحال پاڪستان جون جيڪي مجبوريون آهن اهو ايران سميت پوري دنيا ڄاڻي ٿي پر آمريڪا کي منهن ڏيڻ جي جيتري همت ايران ڪئي آهي ايتري پاڪستان ڪري هاته شايد اهڙن مشڪلاتن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو نه پوي ها پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو مسئلو بيروني قرض آهي جيڪو مرض پاڪستاني معيشت کي ناسور ٿي لڳي چُڪو آهي جنهن مان جند ڇڏائڻ لاء ويجهن پاڙيسري دوست ملڪن روس , سعودي عرب, ايران جيڪي سستي تيل جي فراهمي لاء پاڪستان حڪومت کي هروقت آڇون ڪندا رهيا آهن پر آمريڪي قبضي ۾ آيل آء ايم ايف جهڙي اداري جو قرضي هئڻ سبب پاڪستان سڀني دوست ملڪن جي معاهدن کي پُٺي ڏئي ڇڏي ايتري تائين جو ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو هن وقت پاڪستان سان ايران 10 ارب ڊالرن جا ٻيا معاهدا ڪري پاڪستان کي هڪ سونهري موقعو فراهم ڪيو آهي جنهن ۾ ملڪي معيشت امن سميت ڪيترن ئي اندروني معاملن کي بهتر ٿيڻ ۾ مدد ملندي ايران ته پاڪستان سان ويجهڙائي پئي چاهي پر اسان جي ملڪ کي جيڪو آمريڪي غلامي جو پٽو ڳچي ۾ پيل آهي ان کي نظر ۾ رکندي کين تمام معاهدن تي پاڪستان ڪيتري حد تائين عمل ڪندو اهو چوڻ قبل از وقت هوندو پر ايران جي هن فخريه پيشڪش مان اسان لاء فائدو حاصل ڪرڻ انتهائي بهتر آهي
جيڪڏھن مغربي غلامي مان نجات خاطر پاڪستان ملڪي معيشت سميت پاڙيسري ملڪن سان دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو ته سڀ کان پهرين تيل گئس پائپ لائين منصوبو بغير ڪنهن مغربي دٻاءُ جي مڪمل ڪرڻو پوندو
ٻي ڳالھ پاڪ ايران سرحدي تعلقاتن کي بهتر ڪرڻ لاء ٻنهي ملڪن کي بيروني سازشون بينقاب ڪرڻيون پونديون ڪلپوشن ياديو معاملي کان وٺي ٻنهي ملڪن ۾ تعلقاتن تي اثر انداز ٿيندڙ سرحدي ڇڪتاڻ کي ثالثي سان حل ڪرڻو پوندو جڏھن ايران اڪيلي سپر پاور کان بيخوف ٿي پاڪستان سان سڀ رنجشون ختم ڪري دوستي جو هٿ وڌايو آهي ته کين وڏي گرمجوشي سان کين ويلڪم ڪرڻ جوپاڪستان حڪومت کي موقعو مليو آهي ايراني صدر جو هي دورو اڪيلي ابرهيم رئيسي نه پر روس, چين, شام, سميت سڀني آمريڪا اسرائيل دشمن پاڙيسري ملڪن جو پاڪستان لاء هڪ اهم پيغام آهي جيڪڏھن هن نياپي تي به ڪو ڪَن نه ڌريو ويو ته اهو پاڪستان لاء بهتر نه هوندو ڇو ته ايران هن وقت به اڪيلي سر اسرائيل ۽ آمريڪا سان مهاڏو اٽڪايو بيٺو آهي جيڪڏھن پاڪستان ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ڏنل مشورن معاهدن تي ذري برابر به عمل ڪيو ته کين مغربي غلامي مان نڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي هي موقعو هٿان وڃائڻ ملڪ دشمني ۽ مغربي غلامي کانسواء ٻيو ڪُجھ به نه ڏئي سگهندو

پهنجو تبصرو موڪليو