اوهان جو ووٽ اوهانجي روشن مستقبل جي ضمانت

اوهان جو ووٽ اوهانجي روشن مستقبل جي ضمانت

اعجاز علي تيوڻو/نوابشاھ
پاڪستان ۾ اڄ 7 ڊسمبر تي ووٽرن جو قومي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي جنھن جو مقصد ووٽرن کي پنهنجي ووٽ جي طاقت، اهميت بابت آگاهي فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي ته جئين هو پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ چونڊن جو حصو بڻجي پنهنجو حق استعمال ڪري سگهن پاڪستان ۾ 7 ڊسمبر 1970ع تي هڪ شخص هڪ ووٽ جي بنياد تي پهرين جنرل اليڪشن ٿي جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران 7 ڊسمبر کي ووٽرز جو قومي ڏھاڙي طور ملهايو پيو وڃي جڏھن تہ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي خاص ھدايتن تي ملڪ جي سمورين ضلع اليڪشن ڪمشنر آفيسن ۾ ماڻھن کي ووٽ جي داخلا بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ جن شھرين جا ووٽ داخل ناھن انھن جا ووٽ داخل ڪرڻ سان گڏوگڏ جيڪي شھري گذاري ويا آهن انھن جو نالو لسٽ مان خارج ڪرڻ ۽ ووٽن لسٽن جي تصديق کي يقيني بڻائي غلطين کان پاڪ لسٽ بڻائي سگهجي ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن پاران پوري ملڪ جي صوبائي، ريجنل ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنرن کي ھدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته ووٽر لسٽن ۾ ووٽ جي داخلا بابت عوام خاص ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ عوامي ھنڌن تي سيمينار ۽ آگاھي پروگرام منعقد ڪرڻ سان گڏوگڏ ووٽر لسٽن جي تصديق ڪرڻ واري ڪم جي نگراني کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻين ته جئين مقرر ڪيل وقت تائين شھرين جا ووٽ داخل ڪرڻ سميت صحيح ووٽر لسٽون جوڙي سگھجن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ووٽن جي داخلا کي وڌائڻ لاءِ هر ضلعي ۾ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽيون قائم ٿيل آهن جيڪي ووٽن جي رجسٽريشن کي وڌائڻ لاءِ ڪميٽي ميمبرن سان گڏجي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ نادرا جي مدد سان شهرن سان گڏ ٻهراڙي جي علائقن ۾ پڻ آگاهي ڪيمپون لڳائي ووٽن جي داخلا کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن ڇاڪاڻ ته شهر جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙين ۾ تمام گهٽ ووٽ داخل آهن انهي لاءِ سماجي تنظيمن،سياسي اڳواڻن سميت هر طبقي جو ماڻهو ان ڪم ۾ اليڪشن ڪميشن سان ٻانهه ٻيلي ٿي ملڪي ترقي ۾ ووٽ جي اهميت بابت پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ جاگرتا پيدا ڪرڻ ۽ ووٽ جي رجسٽريشن کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته ووٽ جو صحيح استعمال صوبي توڙي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهي ٿو ۽ اھو تڏھن ممڪن ٿي سگھندو جڏھن اسان عوام کي ووٽر لسٽن ۾ پنھنجي ووٽ جي داخلا ۽ تصديق بابت ڄاڻ ڏينداسين ۽ ووٽ جي داخلا ۾ سندن مدد ڪنداسين ته جئين ماڻهن جا وڌ کان وڌ ووٽ داخل ڪرائي سگهجن عوام کي گهرجي ته هو اليڪشن ڪيمشن آف پاڪستان پاران قائم ڪيل ون ونڊو سينٽرن تي وڃي ڪري پنهنجا ووٽ پنهنجي مرضي مطابق مستقل يا عارضي پتي تي داخل ڪرائي هن قومي ڪاز ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو ساٿ ڏين ۽ ووٽ جي داخلا کان پوءِ اھو پڻ ضروري آهي ته چونڊن دوران پنهنجو ووٽ صحيح اميدوار کي ڏيون ووٽ داخل ڪرائڻ ۽ ان کي استعمال ڪرڻ عورت، مرد، معذورن،اقليتن ۽ کدڙن فقيرن سميت هر ماڻهو لاءِ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته اسان جي ووٽ جي درست استعمال سان ئي اسان پنھنجا نمائنده چونڊينداسين سوچي سمجھي ووٽ ڏيڻ سان ملڪي ، عوامي ڀلائي ۽ ايندڙ نسلن جي بهتري لاءِ ڪم ٿي سگهندو ڇاڪاڻ ته ڪابہ رياست پنھنجي شھريڻ کان بغير رياست نٿي بڻجي سگھي.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ھن وقت ملڪ ۾ 13 ڪروڙ 22 لک 54 ھزار 310 ووٽر رجسٽرڊ آھن جن مان سنڌ صوبي ۾ 2 ڪروڙ 77 لک 36 ھزار 414، پنجاب ۾ 7 ڪروڙ 53 لک 753، بلوچستان ۾ 55 لک 26 ھزار 217، خيبرپختونخواهه ۾ 2 ڪروڙ 25 لک 36 ھزار 455 ۽ اسلام آباد ۾ 11 لک 54 ھزار 471 ووٽرز شامل آھن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ووٽرن کي پنھنجي ووٽ جي داخلا بابت معلومات لاءِ فراھم ڪرڻ لاءَ سروس فراھم ڪئي وئي آهي ووٽر پنھنجو شناختي ڪارڊ نمبر لکي 8300 ميسيج ڪري پنھنجي ووٽ بابت معلومات حاصل ڪري سگھن ٿا.

اڄ 7 ڊسمبر تي پوري ۾ ملڪ ۾ ووٽرن جو قومي ڏينهن ملهائڻ ۽ عوام ۾ ووٽ جي اهميت بابت شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ پوري ملڪ جي ضلعي ۽ تعلقي هيڊڪواٽرن ۾چونڊيل نمائندن،سياسي سماجي اڳواڻ ۽ شهري ريلين ۾ شريڪ ٿي رھيا آھن جڏهن ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران هر شهري جو شناختي ڪارڊ ٺهڻ وقت سندن مستقل يا عارضي ايڊريس تي سندن مرضي مطابق ووٽ جي داخلا ڪئي پئي وڃي ته جئين کيس پريشاني کي منهن ڏيڻون نه پئيجي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو