طفيل مگسي
اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ جيئون پيا۔جتي حقيقي ۽ مجازي زندگي جون سرحدون ڌنڌليون ٿي چڪيون آهن۔سوشل ميڊيا انساني ذهن جي لاء هڪ نئون دوکو پيدا ڪري چڏيو آهي يعني انڌي عقيدت وارو سماجي رشتو۔جيڪو هڪ پاسائون تعلق آهي۔جنهن ۾ هڪ شخص ڪنهن مشهور فرد کي پنهنجي ويجهو سمجهي چڏي ٿو۔جڏهن ته اها شخصيت هن جي وجود کان به اڻڄاڻ هوندي آهي۔مقصد ته اهو تعلق جذباتي طور تي ايترو طاقتور هوندو آهي ته انسان پنهنجا فيصلا رويا ۽ سڃاڻپ انهيء غير موجود ”رشتي“ جي مطابق پوئڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون۔
پاڪستاني سياست ان فينوميا جو سڀ کان وڏو مثال آهي۔هتي سياستي لاڳاپو محض پارٽي يا نظريي جي بنيادڌتي ناهي ٿيندو\ هوندو بلڪ اهو عمومن هڪ جذباتي انڌي عقيدي وارو سماجي رشتو هوندو آهي۔ليڊرن جون تصويرون۔ويڊيوز۔بيان ۽ ميڊيا جي چمڪ ڌمڪ عوام جي ذهن ۾ اهو تاثر پيدا ڪري ٿي ته اهي انهن جا اندريان دوست آهن۔اهي انهن کي سمجهن ٿا۔انهن جا ڏک سک ڄاڻين ٿا ۽ انهن جي جنگ وڙهي رهيا آهن۔ائين سياستدان محض نمائندا نٿا رهن بلڪ اهي”هيروز“ ”مسيحا“۽ ڪڏهن ڪڏهن ”مقدس ڪهاڻيون“ بڻجي وڃن ٿا۔
سياسي انڌي عقيدت وارا سماجي رشتا ٽي وڏيون نفسياتي تبديليون پيدا ڪن تا۔
پهرين تبديلي ذاتي سڃاڻپ جي سبب ليڊر سان ڳنڍجي وڃڻ آهي۔ماڻهو پنهنجي راء۔سوچ ۽ جذبات کي ليڊر جو پوئلڳ ڪري چڏي ٿو۔ليڊر جي ناڪامي کي پنهنجي ذاتي توهين ۽ ليڊر جي تنقيد کي پنهنجي خلاف حملو سمجهڻ لڳي ٿو۔ان مقام تي دليل ۽ تحقيق جي جڳھ محض عقيدت وٺي چڏي ٿي۔
ٻي تبديلي نيڪي ۽ بدي جو ساڌڙو تصور آهي۔پنهنجو ليڊر هرحال ۾ سچو۔ايماندار ۽ بهادر هوندو آهي۔ جڏهن ته مخالف هر حال ۾ چور۔ غدار ۽ سازشي۔ انڌي عقيدي جو سماجي رشتو دماغ کي اها آساني ڏيئي ٿو جنهن ۾ ڏکائين کي قبول ڪرڻ مشڪل ۽ دشمني کي برقرار رکڻ آسان هوندو آهي۔
ٽين تبديلي گڏيل عقل جو خاتمو۔هڪ ليڊر جڏهن پنهنجن فالوورز جي ذهنن”همدرد دوست“ جو مقام بڻائي چڏي ٿو ته معاشرتي بحث ذاتي عقيدت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو۔ائين سياسي اختلاف نظريي جو اختلاف نٿو رهي بلڪ ”تون ڪنهن جو ماڻهو آهين؟”جو سوال بڻجي وڃي ٿو۔
انڌي عقيدي واري سماجي رشتي جا نقصان نهايت ئي ڳوڙها آهن۔اهو تنقيد ۽ احتساب جو دروازو ببد ڪري ٿو۔عوام ليڊر جي غلطي کي غلط چوڻ جي صلاحيت وڃائي ويهن ٿا۔نتيجو اهو آهي ته سياست شخصيت جي چوڌاري گهمڻ لڳي ٿي۔اصول۔ارادا ۽ گڏيل ڏاهپ پوئتي رهجي وڃن ٿا۔
ليڪن ان جو حل موجود آهي۔شخصيت جي بجاء اصول سان لاڳاپو ليڊر انسان آهي۔ان جا فيصلا انسانيڏغلطين سان ڀريل ٿي سگهن ٿا۔مگر اصول۔قانون ۽ جهموري قدر مستقل رهن ٿا۔جيستائين عوام پنهنجي سڃاڻپ ڪنهن شخصيت جي بجاء ڪنهن اصول سان نٿا ڳنڍين۔تيستائين سياست جذبن ۽ فينٽيسي جي راند بڻيل رهندي۔
اسان کي هڪ غلط آٿت ڏيئي ٿو ته اسان ڪنهن وڏي مقصد جو حصو آهيون۔جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اسان صرف هڪ پاسائين جذباتي رشتي ۾ قيد ٿي وڃون ٿا۔سياست جو سفرڌڄذبن کان گهٽ۔فهم ۔۔دليل ۽ اجتماعي شعور کان اڳتي وڌي ٿو۔جڏهن ته مانهو اهو سمجهي ويندا ته ليڊر مقدس ڪهاڻي نٿا رهن بس انسان رهجي ويندا ۽ شايد اهوئي جهموريت جي لاء سڀ کان ضروري قدم آهي۔










