ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڄ انٽر بئنڪ ٽريڊ دوران آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 4 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 4 پئسا سستو ٿي 278 رپيا 60 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 64 پيسا تي هو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 409 پوائنٽن جي واڌ سان 65 هزار 912 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 65 هزار 502 پوائنٽس تي بند ٿيو.










