ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽربينڪ ۾ آمريڪي ڊالر آخري ڪاروباري هفتي جي شرح تي برقرار رھي،ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ 278 رپيا 54 پئسا تي برقرار رهيو،ياد رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 278 رپيا 54 پئسا هئي.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي مثبت شروعات ٿي، جيڪا بعد ۾ مخلوط رجحان ۾ تبديل ٿي وئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 38 پوائنٽن جي واڌ سان 78 هزار 84 تي پهچي ويو.ڪاروبار دوران انڊيڪس 78 هزار 382 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انڊيڪس 78 هزار 45 پوائنٽس تي بند ٿيو.










