انقلابي راهن جا مسافر۔۔۔ڪامریڊ نذیر عباسي شهید۔

انقلابي راهن جا مسافر۔۔۔ڪامریڊ نذیر عباسي شهید۔

طفيل مگسي
اڄ 9آگسٽ ڪامريڊ نذير عباسي جي شهادت جو ڏينهن آهي۔ڪامريڊ نذير عباسي جيڪو صلاحيتن سان سرشار نوجوان شاگرد اڳواڻ هو۔هن ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي شاگرد تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شموليت اختيار ڪئي۔ڪامريڊ نذير عباسي شهيد جنهن پارٽي جي اڳواڻي ۾ مارڪسزم ليننزم جي رستي تي هلندي شاگرد تحريڪ کي هارين و مزدورن جي تحريڪ سان گڏ ڳنڍي ڪري انقلاب جو هر اول دستو بڻايو۔ڪامريڊ نذير عباسي جيڪو پنهنجين صلاحيتن ۽ سچائي جي بدولت جيترو شاگردن ۾ مشهور هو اوترو ئي هارين و مزدورن ۾ مشهور ٿيو،ان ريت هو انقلاب جي سڃاڻپ ۽ تاريخ بڻجي ويو۔
سندس بهادري جو اهو مثال هو ته هن کي فوجي تشددگاه قلي ڪيمپ ڪوئٽا ۾ سختيون ڏيڻ کانپوء آزاد ڪيو ويو ته هن کي خڀردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن اهي سرگرميون جاري رکيئي ته اڳتي زنده واپس وڃي نه سگهندين۔ليڪن ڪامريڊ نذير عباسي جي نظرياتي پختگي،پارٽي سان وفاداراي ۽ انقلاب جي رومانس هن کي فولادي قوت عطا ڪري چڏي هئي۔هو ڊڄڻ وارن منجهان ڪٿي هو ۽ انقلاب جي لاء شاگردن،هارين ۽ مزدورن ۾ اڳ کان وڌيڪ ڪم کي وڌايو۔
اهو اهڙو دور هو،جڏهن ويٽنام،لائوس ۽ ڪمبوڊيا کان وٺي ڪري ايٿوپيا،گني بسائو ۽ انگولا تائين سوشلسٽ انقلاب ۽ قومي آزادي جون سامراج مخالف تحريڪون ڪامياب ٿي چڪيون هيون۔هڪ پاسي ڏکڻ يمن ۾ سوشلزم جو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو ته ٻيئي پاسي افغانستان جو ثور انقلاب،ظاهر شاهن ۽ دائود خانن کي تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ ڦٽو ڪري چڪو هو۔
ايران جي ڪميونسٽ پارٽي حزب توده ۽ فدائيان خلق جي شاندار انقلابي جدوجهد جي پاداش ۾ امريڪي سامراجيت جو هڪ اهم مهرو شاه ايران به پنهنجي انجام کي پهچي چڪو هو۔
جيتوڻيڪ ايراني ڪميونسٽ انقلاب پنهنجي منزل حاصل نه ڪري سگهيو۽ فاشسٽ خميني رجيم اقتدار تي قابض ٿي ويو،يڪن۔ايشيا کان ڏکڻ امريڪا تائين هڪ انقلابي ماحول قائم هو۔هڪ پاسي ڏينهنون ڏينهن طاقتور ٿيندڙ ڪميونسٽ بلاڪ هو ،ته ٻيئي پاسي دنيا سڄي جا غلام پنهنجا زنجير ٽوڙڻڻ ۾ مڍروف هئا۔ان زماني ۾ اسان جي انقلابين جو مشهور نعرو هو:
کسيو کسيو پاڪستان،
جيئن کسيو افغانستان۔
پاڪستان جي سرحدن تي ڪڙو کڙڪائيندڙ ڪئيونزم جو اهوئي”ڀوت“ هو جنهن ضياء الحق جي آقائن جو ننڊون۔حرام ڪري چڏيون هيون ۽ ڪامريڊ ببرڪ ڪارمل جي قيادت ۾ سوشلسٽ انفغانستان،پرڳڻي جا محنت ڪش عوام ۽ مظلوم قومن جي لاء هڪ نئين صبح جي اميد بڻجي چڪو هو۔افغانستان ۾ سامراجي مداخلت جي لاء ضياء پاڪستان کي هڪ اهڙي سامراجي اڏي ۾ تبديل ڪري چڏيو جنهن جو اڳ ۾ ڪو مثال نٿو ملي۔ضياء الحق، مغربي آقائن کي اهو يقين ڏياري رهيو هو ته هو پاڪستان ۾ ڪميونسٽن کي ”پينهي ڪري سرمو بڻائي چڏيندو“ مگر هو هن ڳالھ کان اڻڄاڻ هو ته ڪيمونسٽ ديومالائي پکي”ققنس“جيان هوندا آهن۔جيڪي هر ڀيري باھ ۾ سڙي ڪري پنهنجي ئي خاڪ کان ٻيهر جنم وٺندا آهن۔ڪميونسٽ پارٽي کي ته سندس ورديء وارو فاشسٽ جنرل ايوب خان به ختم نه ڪري سگهيو هو۔اهوئي ايوب خان،جيڪو ضياء جيان امريڪي سامراج جو پٺو هو۔
پاڪستان جي امير المومنين بنجڻ جي مالڪ ضياء الحق جي ڏوهن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي۔هو هڪ جهموري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري،وزيراعظم ڀٽو کي عدالتي قتل جي وسيلي هٽائي ڪري اقتدار تي ويهي رهيو۔هن هر جهموري صدا کي چٿيو،سماج ۾ سيڪيولر ۽ ترقي پسند قدرن کي مٽايو ۽ مذهبي جنونيت جي وحشت ناڪ شڪلن جي تخليق جو شيطاني اوزار ثابت ٿيو۔
سياسي ڪارڪنن،صحافين ۽ دانشورن جي قيد وبند،سرعام ڪوڙا،فوجي عدالتون،ڦاسيون،اهوئي هو ڙياء جو پاڪستان جنهن ۾ حميد بلوچ،اياز سمون،عبدارزاق جهرنا،ادريس طوطي جهڙا بيشمار مزاحمتڪار،ٽهڪندا ڳائيندا فاسي چما ڪري امر ٿي ويا۔ڪامريڊ ڊاڪٽر تاج محمد خان جي مذهبي جنوني جماعت جي هٿان شهادت جهڙا ڪيترائي واقعا ظلم جي ان ڪاري رات جون يادگارون آهن۔جيڪا ضياء جلاد مڙهي رکي هئي ۽ امتياز بلا جهڙا ڪردار ان جا پرزا هئا۔
ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان خاص طور تي ضيائي مارشل لا جي نشاني تي هئي۔1978ء ۾ پارٽي سيڪريٽري ڄام ساقي کي گرفتار ڪري فوجي ٽارچر ۾ نيو ويو هو۔ضياء جون ڳجهيون ايجنسيون پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جي تلاش ۾ بي آرام هيون۔انهن ۾ هڪ خاص نالو ڪامريڊ نذير عباسي جو هو۔
پارٽي جو سڀ کان گهٽ عمر نوجوان مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر،سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اڳوان ۽ هڪ زبرست نوجوان انقلابي مسيحا جيڪو سنڌ ۾ محنت ڪشن جي دوران قيد و بند کان وٺي ڪري بلوچستان جي هارين جي طبقاتي جدوجهد”پٽ فيڊر تحريڪ“ ۾ حصو وٺندي ڪوئٽا جي قلي ڪيمپ جي چھ مهينا خوشي خوشي سان قيد ڪاٽيو۔
هاء ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ۽ ملڪ ۾ احتجاج کانپوء جڏهن هن کي آزاد ڪيو ويو ته ان سان گڏ هن کي چتاء به ڏنو ويو ته پنهنجيون سرگرميون چڏي ڏي نه ته قتل ڪيو ويندين۔ليڪن هڪ بهادر ۽ نه جهڪڻ وارو ڪميونسٽ انقلابي هو۔آزاديء کانپوء به هو پنهنجيون سياسي سرگرميون جاري رکيون پيو هو۔
30جولائي 1980ء جو ڏينهن هو۔جڏهن ڪامريڊ نذير عباسي کي ساٿين سميت ڪراچي کان گرفتار ڪري ماڙي پور جي انويسٽي گيشن پهچايو ويو۔اهو ٽارچر سيل جنهن جو انچارج ان وقت ليفٽيننٽ امتياز بلو هو۔
ڪامريڊ نذير عباسي کي ڪنهن عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو يعني اها هڪ اهڙي جبري گمشدگي هئي جيڪا ڪميونسٽ پارٽي جي انقلابي اڳواڻ،ڪامريڊ حسن ناصر سان 1960ء ۾ شروع ٿي هئي۔جڏهن ان عظيم هيرو کي شاهي قلعي ۾ عدالت کان مٿاهون قتل ڪري لاش به غائب ڪيو ويو هو۔برطانوي سامراج ڀڳت سنگھ ۽ سورهيه بادشاھ جهڙن وطن پرست انقلابين جا لاش غائب ڪندو هو۔مگر ان جي پٺو آمرن ته زنده انسانن جي جبري گمشدگين ۽ عدالت کان مٿاهين قتل کي معمول بڻائي چڏيو۔جنهن جو ڀيناڪ شڪليون اڄ به ملڪ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ ڏسي سگهجن ٿيون۔
ڪامريڊ نذير عباسي ماڙيپور ڪراچي جي ٽارچر سيل ۾ مسلسل 9 ڏينهن تشدد کي برداشت ڪيو۔هن تي اهو انسانيت سوز تشدد ۽ هٿڪنڊا استعمال ڪيا ويا ته جن جي نتيجي ۾ 9 آگسٽ 1980ء ۾ هو شهيد ٿي ويو۔ٽارچر سيل جي اوزارن هن کي نه ته پارٽي سان غداري ڪرن تي مجبور ڪيو ۽ نه هن کان ڪو راز اوڳاچي سگهيا۔
اهو هيو سرزمين سنڌ جو اهڙو ڪميونسٽ پٽ،جنهن سڄي دنيا جي محنت ڪشن جي انقلابي آدرش تي ثابت قدمي سان هلندي،سوشلسٽ انقلاب جا خواب اکين ۾ سجايون،افغانستان جي سوشلسٽ انقلاب سان محبت جو عملي مظاهرو ڪيو ۽ دارو رسن جي آزمائشن تي پورو لٿو۔
هو سنڌ جي پهرين سوشلسٽ صوفي شاه عنايت شهيد،هيمون ڪالاڻي شهيد ۔سورهيه بادشاه شهيد ۽ فاشسٽ ايوب خان کي للڪارڻ واري ڪامريڊ حسن ناصر جي روايت جو امين ۽ وارث هو۔هو جرمني جي نازي واڳون هٽلر،اسپين جي فاشسٽ جنرل فرانڪو،انڊونيشيا جي ڪاسائي جنرل سوهارتو،چليء جي فسطائي درندي جنرل پنوشي ۽ بوليويا جي فوجي آمر جنرل بارين توس جي قتل گاهن ۾ ڪميونزم جو مان و شان زنده رکڻ واري جيولس فيوچڪ،رالف فاڪس،ڪرسٽوفر ڪارڊويل،تان ملاڪا،وڪٽر جارا ۽ چي گويرا جهڙن ڪميونسٽ مزاحمت ڪارن ۽ انقلابي سورمن جو تسلسل هو ۽ انهن جي انقلاب ميراث جي عين مطابق هن بهادري سان موت کي منهن ڏنو۔

پهنجو تبصرو موڪليو