انصاف ڪريو نه ته باهه ڏئي پاڻ ساڙينداسين

انصاف ڪريو نه ته باهه ڏئي پاڻ ساڙينداسين

بدين (رپورٽ مرتضيٰ ميمڻ) تعلقي جاتي ٻارڻ آباد جي ڳوٺ آچار چالڪو جي رھواسي نوجوان جوڙي جو بدين پريس ڪلب آڏو احتجاج  ، مخالف وڏيرن سندن، ۽ ڀائرن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي. پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي اصغر علي چالڪو ۽ زاھده چالڪو ٻڌايو ته اٺ مهينا اڳ هو پيار جو پرڻو ڪرڻ لاء ڳوٺان نڪتا ۽ جڏهن عدالت ذريعي پيار جو پرڻو ٿيو ته مخالف هر هڪ غلام حسين، سڪندر، جمعو، ۽ ٻيا اسان جا دشمن ٿي پيا، هنن عدالتي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته هاڻ مخالف اسان کي ڳوٺ اچڻ نه ٿا ڏين ۽ ضد ۾ اچي اصغر جي والد مبارڪ، ڀائرن هاشم ۽ پير بخش چالڪو خلاف جاتي ٿاڻي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن، هنن انصاف جي گهر ڪندي چيو ته مخالفن خلاف قدم کڻي ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ تنگ ٿي هو پاڻ کي باھ ڏيئي  ساڙيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو