انسانيت ۽ روحانيت جو شاعر و اديب،خليل جبران خليل

انسانيت ۽ روحانيت جو شاعر و اديب،خليل جبران خليل

طفيل مگسي
لبنان جي عظيم جنم ڀوميء پنهنجي هڪ ڳوٺ بشاري ۾ حوا جي هڪ نياڻيء ڪامله جڏھن هڪ ٻار کي جنم.ڏنو ته ڪنهن ٿي ڄاتو هو ته اهوئي ٻار جنهن جو نالو جبران رکيو ويو.اڳتي هلي ڪري
انسانيت ۽ ادب جي نرڙ جو چمڪندڙ نور ۽ روحانيت جي حسين مقدس پيشاني ۽ علم و ڏاهپ جو هڪ جهونگاريندڙ چشمو بڻجي ڪري ڌرتيء جي گولي تي نروار ٿيندو.6جنوري1883ع ۾ جنم وٺڻ وارو لبناني نسل رکندڙ امريڪي شاعر ۽ اديب خليل جبران وليم شيڪسپيئر ۽ لائوتاز کانپوء انساني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ پڙھيو ويندڙ شاعر آھي.
جبران پنهنجي انفراديت جو اظھار ننڍپڻ کان ئي شروع ڪري ڇڏيو هيو ۽ ھو پنهنجن خوابن ۾ مسيح کي راضي ٿيندي ۽ مقدس مريم کي“ هاء منهجا ٻچڙا هاء منهنجا لال “چئي ڪري فرياد ڪندي ڏٺوهو.هو پنهنجي امڙ کان پڇندو هو ته جڏھن رومي ۽ ماروني ٻئي عيسائي آھن ته پوء انهن کي الڳ الڳ نالي سان ڇو سڏيو وڃي ٿو ۽ اهي هڪ ٻيئي کي نفرت جي نگاه سان ڇو ڏسن ٿا؟
جبران جنهن دور ۾ ھوش سنڀاليو هو.ان وقت هر پاسي جاگيرداري ۽ ڪليسائيت جو راڄ ۡهو.جتي بک.غربت ۽ ذھني عياشي جي هيبتتاڪ ازدا عوام جي ڳچين ۾ پنهنجا نهن وجهيون ڀيناڪ ٽھڪ ڏئي رهي هئي ۽ مذھب جي اوٽ ۾ سفاڪي ۽ عيش پرستي واري جنونيت جاري هئي.
مذھب تي رسمن جا ٿلها ته پيل هئا.جيڪڏھن ڪو انهن تهن کي هثائي ڪري اصل تصوير ڏسڻ يا ڏيکارڻ چاهيندو هو ته ان جون اکيون ڪڍيون وينديون هيون.جبران جو انگريزي ۾ لکيل مشھورڪتاب “پيغامبر“پهريون ڀيرو شايع ٿيو ۽ 1923ءجي ڏھاڪي ۾ اهو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ڪتاب بڻجي ويو.
جبران چوڻ جي حد تائين ته لبنان ۾ جنم ورتو ۽ لبنان جو شھري پڻ سڏيو.ليڪن هن صرف لبنانين جي تباهي و بربادي تي ئي ڳوڙھا نه ڳاڙيا بلڪ هن جي اکين انسانيت جي معيار تي به نير وهايا آھن.هو گذريل ڪاله جو اديب هو.اڄ جو اديب آھي ۽ اچڻ واري سڀاڻي جو به ادي رهندو.هر ملڪ جي عوام جي دلين جي ڌڙڪن آھي.هر ملڪ جي عوام جي ذلت و بربادي هن جي پنهنجي ذلت و بربادي آھي ۽ اهوئي سبب آھي ته هو صرف لبناني ئي اديب ناهي بلڪ هڪ بين الاقوامي اديب به آھي ۽ انهيء نڪتي جي وضاحت جارج برناشاد پنهنجي ڪتاب ۾ ڪندي چئي ٿو.
هن جي جادوء ڀرين لکڻين ۾ مذھب ۽ رومان گڏجي سڏجي ڪري هڪ پراسرار فضا هڪ طلسماتي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏين ٿا.جنهن جي سحر ۾ قاري وڃائجي ڪري رهجي وڃي ٿو.
“ريت ۽ جهڳ“۾ ھڪ هنڌ لکي ٿو ته “جيڪڏھن تنهنجي دل لائو آھي“ ته پوء ڇاڪاڻ اميد رکين ٿو ته هو گلن کي تنهنجي هٿ ۾ ڇو تازو رهڻ ڏيندو.
هن جيڪي ڪجه چيو آھي.هڪ سخت حقيقت آھي ۽ ڪو وقت ڪجه فردن هن کي چريو.بي حياء ۽ انتهاپسند قرار ڏنو.هڪ هنڌ ھو هن ڳاله جو اعتراف ڪري ٿو ته هو نه پاڻ سمجهي سگهيو نه ئي ڄاڻي سگهيو.۔
مان ڪڏھن به لاجواب نه ٿيس.مگر ان شخص جي سامهون جنهن مون کان پڇيو ته تون ڪير آھين؟پنهنجي افساني “پاڇولا“ ۾َۡ ھن بي وسي جو ثبوت ڏنو آھي.
اسان انسان لامحدود فضا جي ڊپ کان فرمابرداري کانسواء ڪجه به نٿا ڪري سگهون اسان جيڪڏھن محبت ڪريون ٿا ته اها محبت سڀني جي لاء ناهي هوندي بلڪ اسان جي طرف کان هوندي آھي.اسان جيڪڏھن خوش ٿيون ٿا ته اها خوشي اسان جي ذات ۾ ناهي هوندي بلڪ حياتي جي نفس ۾ ھوندي آھي.ساڳئي ريت جيڪڏھن اسان درد ۾ مبتلا هوندا آھيون ته اهو درد اسان جي ذات ۾َ زخمن کان نٿو ڦٽي بلڪ نفرت کان ڦٽي ٿو.
هن جي افسانن ۾ هر هنڌ ڦطرت جي منظرن جي خوبصورتي ڏيک ڏيئي ٿي ۽ اهوئي اهو مقام.هوندو آھي جتي هو هڪ ڪامل اديب يا ڪامل نقاد جي بجاء مصور بڻجي وڃي ٿو.
جڏھن رات آسمان جي لباس ۾ تارن جا موتي ٽاڪي چڪي ته وادي نيل کان هڪ پري پنهنجا خوبصورت پر ڦڙڪائيندي بلند ٿي ۽ روم جي سمنڊ تي ڇانيل ڪڪرن جي تخت تي ويهي رهي.چنڊ جي روشني کان ڪرڻا معلوم ٿي رهيا هئا.
هڪ مغربي نقاد لکي ٿو ته منهنجو خيال آھي ته ٽيگور جي“گيتا نجلي“کانپوء اوڀر کان اهڙا حسين و جميل گيت جهونگاريندي ڪنهن کي نه ڏٺو جڏھن مون خليل جبران جي حسين وجيمل خيالن.خوبصورت تصورن ۽ دلڪش فلسفي جو مطالعو ڪيو ته مون تي سقراط جي ان فلسفي جي اهميت ۽ عظمت وڌي ٿي وئي ته حسين تخيل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوبصورت آھي.
پنهنجي افساني“شيطان“۾ ھن هڪ نئون خيال پيش ڪيو ۽ جنهن انداز سان شيطان جي ڪردار کي اڀاريو اٿس.ان ۾ ۽ آھي.ان افساني کي پڙھي ڪري قاري شيطان کان نفرت جي بجاء همدردي ڪرڻ لڳي ٿو ۽ شيطان جي موجودگي جي اهميت جو ٿيئي ٿو ۽ ڪرڻ جي لاء ئي شيطان چئي ٿو. لاهوتي مسئلن جي رمزن کي سڃاڻيندڙ آھين.ڇا شيطان جو وجود ئي ان جي دشمن پادرين جي تخليق جو سبب آھي ۽ اها پراڻي دشمني ڄڻ ته هڪ لڪل هٿ آھي.جيڪو سون و چاندي کي ايمان پرستن جي کيسي کان واعظن ۽ مرشدن جي کيسي ۾ منتقل ڪري ٿو.هو سمجه سوچ وارو عالم آھي. نٿو ڄاڻين ته سبب جي زوال کان ستم پاڻھي پاڻ ختم ٿي وڃي ٿو.ته پوء تنهنجي مرڻ سان ڇو خوش آھي.جڏھن نه منهنجو موت توکي پنهنجي مرتبي کسن ڪرائي ڇڏيندو .تنهنجو رزق بند ڪري ڇڏيندو ۽ تنهنجن ٻارن ٻچن جي وات کان مانيء جو ڳڀو ڇني وٺندو.
عورت جي باري ۾ جبران چيو.آھي ته“اها زندگي جو مثال آھي جيڪو انسان کي اپنائڻو آھي.موت جو مثال آھي.جيڪو هر انسان کي پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏي ٿو.“
جبران چاهي ٿو ته دنيا ۾ سڪون هجي.شادابي هجي ۽ خوشيء جو ھٻڪار هجي ۽ ان اميد جو اظھار هو پنهنجي“طوفان“ ۾ ڪري ٿو.
“ڇا ڪڏھن اهو ڏينهن به ايندو ته جڏھن انسان زندگي جي کاٻي ٻانهن تي گذارو ڪندو ۽ ڏينهن جي روشني ۾ خوشيء جو اظھار ڪندو ۽ رات جي پرامن خاموشي ۾َ مطمئن ٿيندو..ڇا اهو خواب ڪڏھن حقيقت بڻجي سگهي ٿو.ڇا اهو خواب ان وقت پورو ٿيندو جڏھن ته هي ڌرتيء جو گولو انساني لاشن سان ڀرپور ۽ انهن جي رت سان ڳاڙھو ٿي رنڱجي ويندو؟“
هن جو ڊگهو افسانو.“خليل ڪافر“ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي آھي ته جنهن جاگيرداري ڪليسيا جي پادرين ۽ سماج جي بيواجبين جي خلاف آواز اٿاريو ته ان کي مڪمل.قوت سان چٿڻَ جي ڪوشش ڪئي وئي.هو حريت پسند نوجوان پنهنجي ۽ هڪ کليل عدالت ۾َ جتي ڳوٺ جا سمورا فرد ان جي خلاف لڳايل الزامن ٻڌڻ جي لاء گڏ ٿيا هئا.انهن سمورن فردن جي سينن ۾َ آزادي جي جوت جڳائي ٿو ۽ انهن جي اندر هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏي ٿو ۽ چند ئي گهڙين جي اندر ڳوٺ جا سمورا فرد غلامي جا ڳٽ پنهنجن پنهنجن ڪلهن کان لاهي ڦٽا ڪري ڇڏين ٿا.اها ڪهاڻي صرف هڪ لبناني نوجوان جي ڪهاڻي ناهي بلڪ دنيا جي هر حريت پسند نوجوان جي ڪهاڻي آھي.
“هڪ هنڌ ھو لکي ٿو ته ٻولي اهڙو درندو آھي .جنهن کي جيڪڏھن بنا رسي ڇڏي ڏجي ته عجب ناهي ته اهو اوهان کي ئي چيري ڦاڙي ڇڏي“

پهنجو تبصرو موڪليو