امر شھيد، ڪنور رام جي 81 هين ورسي، سردار رام سنگهه

ڀڳت ڪنور رام 13 اپريل 1885 ع ۾ ھاڻوڪي گھوٽڪي جي ضعلي ھيڊ ڪواٽر ميرپورماٿيلو جي ننڍي ڳوٺ جروار ۾ ڀائي تاراچند ۽ ماتا شريمتي تيرٿ ٻائي جي گهر سنت بابا کوتا رام صاحب جن جي آسيس سان پيدا ٿيو سنت ماتا تيرٿي ٻائي کي وچن ڏنو ته اوھان جي گھر اھڙو لاکيڻو لال پيدا ٿيندو جنھن جو نالو سدا امر ۽ ھنڌ سنڌ ۾ مشھور ٿيندو. سندس جو نالو سنت بابا کوتا رام صاحب رکيو جيڪي سنت سترام داس جن جا پتا صاحب پڻ ھئا. ڀڳت ڪنور رام صاحب شروعاتي تعليم جروار مان ورتي ۽ پوء پوج شداڻي درٻار حيات پتافي مان گائن وديا گرمکي ۽ ڀگتي ڪيرتن جو گيان پراپت ڪيو. ڀڳت ڪنور رام ننڍپڻ ۾ ئي ڪرت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ سندن ماتا ڪوھر ڪارا چڻا پڪوڙا پچائي وڪڻڻ لاء ڏيندي ھئي ننڍو ٻالڪ ڪنور اھو ٿال کڻي سنت سترام داس وٽ اچي اڳيان رکي آسيس وٺندو ھو ۽ پوء جروار جي گھٽين ۾ ھوڪا ڏيندو ھو ۽ قدرت راڳ جي ڏات ھجڻ ڪري صوفي ڪلام ب ڳائيندو ھو سندس آواز نماڻو ۽ دل کي ڇھڻ وارو ھو سندس ڪوھر ٻار ۽ وڏا عورتون ۽ مرد وٺندا ھيا ۽ انھن کي ڪنور جو انتطار ھوندو ھو ته ڪنور اچي ته  ڪو ڀڄن ٻڌائي ته من کي شانتي اچي.

Writer Sardar Ram Singh, Photo by writer

ڀڳت ڪنور رام پنھنجي زندگي رهڙڪي صاحب جي سنت سترام داس جن جي شيوا ۾ گزاري.ڀڳت ڪنور رام صوفي راڳ ۽ پنھنجي آواز جي زريعي مالڪ جي پراٿنا ڪئي ھن غريب ۽ بي سھارا ماڻھن جي مالي مدد ۽ سھائتا ڪئي. ڀڳت ڪنور رام هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪ جيترو مشھور هو ۽ سڀ گڏجي ڪچھري ۽ ڀگتي راڳ ۾ شريڪ ٿيندا ھيا. ڀڳت صاحب گرن جي ٻاڻي صوفين جي ڪلامن ۽ سنتن جا سلوڪن زريعي اپديش ڪندو ھو. هن صوفي شاعرن شاھ عبداللطيف ڀٽائي ، سچل سرمست ، سامي ، ۽ ڪبير جا سلوڪ ۽ ڪيترائي گيت ۽ ڀڄن پڻ ڳايا. هو هميشه هڪ مخصوص  ۽ سادو لباس پائيندو هو ، هو شاھ عبداللطيف ڀٽائي سچل سرمست سامي ۽ ڪبير سميت ڪيترن ئي معروف صوفي شاعرن جي شاعري سان پيار ڪندو هو ۽ ڳائيندو هو. هن جي شاعريءَ ۽ ڳائڻ جو بنيادي موضوع خالق جي ساراھ هئي ۽ صوفي راڳ ڳائيندي  هن انسانيت محبت امن ۽ ڀائيچاري کي اڳتي وڌايو. ايشور ڀڳت صاحب کي هڪ مٺي ۽ مڌر آواز سان نوازيو هو جڏهن هو ڳائڻ ۽ پرماتما جي ڀڳتي ڪرڻ شروع ڪندو ھو ته ماڻهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندا ھئا ۽ سندس ڀڳتي ست سنگ ٻڌي نھال ٿيندا ھيا. ڀڳت ڪنور رام سنڌ جي مختلف شھرن جي ڌرمشالائن ۽ درٻارن ۾ ڀڳتي ست سنگ ڪندو ھو ڀڳت صاحب کي جيڪي روڪ پيسا يا ڪوئي سامان ملندو ھو اھو سڀ ڪجھ غريبن ۽ ضرورت مندن ۾ بغير ڪنھن ذات پات مذهبي فرق کان سواءِ  مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو پهرين نومبر 1939ع تي دادو جي علائقي مانجھند مان واپسي سکر وڃڻ لا۽ ريل ۾ سوار ٿيو سندس شڪارپور ضعلي جي رڪ ريلوي اسٽيشن تي اڳواٽ ئي ٻه ماڻھون ڀڳت صاحب کي شھيد ڪرڻ لا۽ ترسيل ھئا ۽ ڀڳت صاحب رڪ اسٽيشن تي پليٽ فارم تي ھيٽ لٿو ته اھي ٻئي ماڻھون ساڻس ڳالھائڻ لڳا ۽ پڇائونس ته سائين اسان کي دعا ڪيو ته اسان جو ڪم پورو ٿئي ڀڳت ڪنور رام انھن کي پرساڌ به ڏنو ۽ چوڻ لڳو ته اڄ اوھان جو ڪم ضرور ٿيندو ۽ ائين چئي ڀڳت ڪنور رام ريل ۾ دري واري پاسي ڏانھن وڃي ويٺا ۽ ريل ھلڻ وقت گولي جو آواز آيو جيڪا ڀڳت ڪنور رام صاحب جن کي لڳي سندس زور سان رت وھڻ لڳي ۽ ريل گاڏي به بيھاري وئي ۽ ريلوي اسٽيشن تي وڌيڪ سھولت نه ھجڻ ڪري سندس سکر اسپتال وڃڻ جو چيو ۽ ڀڳت ڪنور رام صاحب آرائين روڊ ريلوي اسٽيشن ويجھو آخري ساھ مالڪ ايشور حوالي ڪيو. سندس ڀڳت صاحب کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء اڄ به ھزارين ماڻھون کيس خاص خراج عقيدت پيش ڪن ٿا ۽ اڄ به پھرين  نومبر تي رڪ ريلوي اسٽيشن تي مقامي ماڻھون صوفي راڳ ڳائي ۽ سوين ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪن ٿا. اھڙو ڪردار اسان جي دلين ۾ سدا امر ۽ زنده رھندو. جروار ۾ سندس هر سال عقيدت ۽ احترام سان ورسي به ملهائي ويندي آهي. ڀڳت ڪنور رام جي ڪنهن سان دشمني نه هئي پر چيو ويندو آهي ته اتر سنڌ جي ڀر واري هڪ گادي جي مست مريدن هٿان ساڙ وچان کيس قتل ڪرايو هو، وڌيڪ علم الله کي.

پهنجو تبصرو موڪليو