اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ جا اعتراض ٻڌڻ جو حڪم

اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ جا اعتراض ٻڌڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ جا اعتراض ٻڌڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس بابر ستار پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي شوڪاز نوٽيس خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ڪيس جي ٻڌڻي دوران فيئر ٽرائل جا سمورا شرط پورا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت شوڪاز نوٽيس تي پي ٽي آءِ جي اعتراضن تي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن شوڪاز نوٽيس تي پي ٽي آءِ جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا.عدالت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست منظور ڪري ورتي.جسٽس بابر ستار اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته لارجر بينچ جي فيصلي تي عمل ڇو نه پيو ٿئي؟ عدالت جو وقت ڇو ضايع ڪري رهيا آهيو؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جواب ڏنو ته درخواستگذار خلاف شو ڪاز ڪارروائي نه ڪئي وئي، ٻين شاهدن کي آڏي پڇا لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار کي ڪيس ٻڌڻ جو موقعو ڇو نه ڏنو پيو وڃي. آخر اها ڪهڙي ڳالهه هئي جيڪا اليڪشن ڪميشن کي فيصلي ۾ سمجهه ۾ نه آئي؟ توهان کي ڪنهن ٻڌايو ته توهان هاءِ ڪورٽ جي حڪم جا پابند نه آهيو؟

پهنجو تبصرو موڪليو