اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر عام چونڊون ڪرائڻ بابت صدر جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 90 ڏينهن ۾ ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪندي صدر کي جواب موڪلي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) چيو آهي ته شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊن لاءِ وڌيڪ 4 مهينا گهربل آهن، جيڪي آڪٽوبر ۾ ٿينديون. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته تڪ بندين لاءِ وڌيڪ چار مهينا لڳندا.










