المهراڻ پبلڪ هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو

المهراڻ پبلڪ هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو

خيرپور ناٿن شاهه (برڪت چانڊيو) المهراڻ پبلڪ هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي، استادن ۽ شاگردن جي ڪارڪردگي، سالانه ايوارڊ جي حوالي سان هڪ منفرد پروگرام ٿي گذريو جنهن جي نگراني اسڪول جي چيف سرواڻ سائين ديدار مشوري ۽ ان جي فرزند امين مشوري جن ڪئي. پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي. ان کان پوءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان مختلف انداز ۾ تقريرون، ڀٽ شاھ جي وائي ۽ ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا. جڏھن ته پروگرام جا خاص مهمان دادو اسسٽنٽ ڪمشنر نظير احمد سومرو هئا. پروگرام ۾ مختيارڪار غلام شبير ڪلهوڙو، اي سي ارشاد احمد ڪمالاڻي، اعجاز چانڊيو، بابو چانڊيو، استاد محمد پناه چانڊيو، محمد الياس پنهور، نظير ميراڻي، مختيار چانڊيو، وارث ٻٻر، ڊاڪٽر بشير احمد چنه، ڪي اين شاھ جي مختلف هاءِ اسڪولن جي استادن ۽ شھر جي ڪيترن ئي معزز شخصيتن سان گڏ صحافين پڻ شرڪت ڪئي. هر طرف شاگرد ۽ شاگردياڻن کي پهريل ٽوپي ۽ اجرڪ شريڪ ناظرين کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ڇڏيو. معصوم گلن جهڙن ٻارڙن جي هٿ ۾ پاڪ پرچم پڻ هئا. پاڪستان زنده باد، سنڌ ثقافت زنده باد جا نعره پروگرام جا زينت رهيا. آخر ۾ ساليانه امتحان ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻن کي انعام ڏنا ويا. پروگرام ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن جي والدين پڻ شرڪت ڪئي. جڏھن ته پروگرام ڪافي دير تائين جاري رهيو.آخر ۾ مهراڻ پبلڪ هاءِ اسڪول جي سرواڻ سائين ديدار مشوري پروگرام ۾ آيل سڀني مهمانن جا ٿورا پڻ  مڃيا.

پهنجو تبصرو موڪليو