ليکڪ عبدالمجيد بروھي
رمضان المبارڪ جو ڀلارو مھينو شروع ٿيڻ کان پوء اسان جا مسلمان ڀائر پھرين روزي کان افطار پارٽين جي لاء پلاننگ ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آھن صرف ڏيکاء ۽ نالي خاطر افطار پارٽين ۾ وڏن ماڻھن برادري جي رئيسن وڏيرن ڪامورن سياستدانن صحافين کي دعوتون ڏئي سوين ماڻھون گڏ ڪري ھڪ افطار پارٽي تي لکين روپيا خرچ ڪيا ويندا آھن ھر قسم جا اعلا طعام اعلا مشروبات سان افطار پارٽي ۾ ايندڙن جي خدمت ڪئي ويندي آھي ھا اھاٻئي ڳالھ آھي اھڙن افطار پارٽين ۾ اڪثريت بيروزائتن جي ھوندي آھي اھي جيڪي افطار پارٽين تي لکين روپيا خرچ ڪندا انھن جن جي پنھنجن محلن ۾ ڪيترائي غريب فاڪا ڪٽڻ تي مجبور ھوندا آھن افطار پارٽين تي خرج ڪرڻ وارا صرف پنھنجي نالي خاطر ۽ ڏيکاء لاء خرچ ڪندا آھن اھي غريبن جي مدد تـ ناھن ڪندا پر واھ واھ لاء لکين روپيا خرج ڪري ڇڏيندا آھن اھڙي ئي طريقي سان عيد ملن پارٽين تي پڻ ساڳي طريقي سان پيسا اڏايا ويندا آھن اسين انھن دوستن کي گذارش ٿا ڪريون تـ اھڙن فضول خرچن کان بھتر آھي اھي پيسا جيڪي افطار پارٽين تي خرچ توھان ڪري رھيا آھيو اگر سمورا پيسا توھان انسانيت جي خدمت ڪندڙ ادارن کي ڏيو جيڪي بنا ڪنھن لوڀ ۽ لالچ جي ڏينھن رات صرف انسانيت جي لاء ڪم ڪري رھيا آھن انھن ادارن ۾ اھم ادارا ايس آء يوٽي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي ۽ ٽرانسپلانٽ ۽ ٻيو اھم ادارو ايڌي فائونڊيشن آھن ٻيا ڪيترائي فلاحي ادارا پڻ آھن پر ھنن ٻنھي ادارن جو ڪوبـ مٽ نـ آھي ايڌي فائونڊيشن جي سربراھ عبدالستارايڌي جنھن پنھنجي پوري حياتي انسان ذات جي خدمت لاء وقف ڪندي ڏينھن رات پني پنھنجي اداري لاء جاکوڙيندو رھيو ۽ ان سان گڏ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽ جو سربراھ ڊاڪٽر اديب رضوي آھي جنھن پوري پاڪستان جي گردن جي مرض ۾ مبتلا مريضن جو علاج بلڪل مفت ۾ ڪرڻ سميت ٽرانسلانٽ جو ڪم پڻ پنھنجي مدد پاڻ تحت شروع ڪيو.
ھميشه امر بڻجي ويل مسيحائي ڪردار عبدالستار ايڌي جيڪو سنڌ جو جنھن پوري دنيا ۾ پنھنجي ملڪ پاڪستان سميت صوبي پنھنجي ڀلائي جي ڪمن فلاحي ڪمن جي ڪري نالو روشن ڪيو جنھن پوري پاڪستان جي عوام جي مشڪلاتن کي سمجھندي روڊ حادثن سميت مختلف واقعن ۾ زخمي ٿيندڙن کي بروقت ٽرانسپورٽ نـ ملڻ سبب انساني جانين جو ضايع ڏسندي عبدالستار ايڌي اھو پڪو پھ ڪيو تـ چاھي ڪجھ بـ ٿئي کيس در در وڃي پنڻو پيو تـ بـ ھو پير پوئتي نـ ڪندو جنھن بعد ھو پنھنجي گھرواري سميت عوام لاء چندو ڪري پوري پاڪستان ۾ مفت فري ايمبولينس سروس شروع ڪيائين جنھن بعد روڊن رستن تي ڀٹ ڪندڙ معصوم ٻارڙن جي لاء پوري پاڪستان ۾ يتيم خانا کولي يتيم ٻارڙن کي اجھو ڏنائين جن ۾ يتيم ٻارڙن کي تعليم صحت کاڌ خوراڪ سميت تمام سھولتون ھن وقت تائين ڏنيون پيون وڃن عبدالستار ايڌي ۽ سندس گھرواري پاران انھن لاچار عورتن ۽ـمردن لاء اولڊ ايج ھائوسز کوليائون جن کي سندن جي پنھنجي اولاد پاران گھرن کان ڪڍيوـانھن کي گھر ڏئي کين پناھ ڏنائون فري ايئر ايمبولينس سروس پڻ شروع ڪيائون عبدالستار ايڌي ھن وقت اسان کان جسماني طور تي ج عبدالستار ايڌي ۽ سندس فيملي بعد اگر پوري دنيا ۾ پاڪستانين ۽ سنڌ واسين جو جنھن نالو روشن ڪيو آھي اھو انسان دوست مسيحا ڊاڪٽر اديب رضوي جنھن اڄ کان چاليھ سال اڳ جڏنھن ٻاھرين ملڪ مان ڊاڪٽري جو ڪورس ڪري پنھنجي وطن واپس موٽيو ۽ جڏنھن ھتي ھن ڏٺو تـ ڪيترائي ماڻھون گردا خراب ٿي وڃڻ سبب فوت وڃن ٿا ۽ کين گردن جي علاج لاء ھتي سھولتون نـ پيون ملن تنھن بعد ھن پڪو پھ ڪري ڇڏيو تـ ھو گردن جي مريضن لاء ڪجھ نـ ڪجھ ضرور ڪندو جنھن بعد ھن ونھجي صوبي سنڌ جي نالي سان (سنڌ انسٽيٽوٽ يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽ جي نالي سان ھڪ شروعات ڪيائين شروع وارن ڏينھن سندس جو ڪير بـ ساٿ ڏيڻ لاء راضي نـ ٿيو حڪومت پاران بـ کيس بھتر موٽ نـ ملي جنھن بعد ڊاڪٽر اديب رضوي پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪجھ بسترن ۽ ڪجھ ڊائيلاسز مشينن سان سينٽر کولي مريضن جو مفت ۾ علاج ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيائين شروعاتي ڏينھن ۾ کيس ڪافي مشڪلاتون پڻ پيش آيون پر ھن مسيحا پنھنجو ڪم جاري رکيو جنھن بعد ھو ڪجھ سرندي وارن جي مدد سان ڊائيلاسز جي مشينن ۾ اضافو ڪندو رھيو ايس آء يو ٽي ادارو اڄ پوري پاڪستان ۾ ڪڊني ٽرانسپلانٽ ۽ رت جي صفائي جو واحد وڏي ۾ وڏو ادارو آھي جنھن ۾ ھرمريض کي بنا ڪنھن فرق جي تمام تر سھلتون جن ۾ ليبارٽري جون ٽيسٽون ايڪسري سي ٽي اسڪين الٽرسائونڊ ايڪسري ھر قسم جون دوائون ڊائيلاسز ٽرانسپلانٽ سميت کاڌ خوراڪ بلڪل مفت ۾ مھيا ڪيو پيو وڃي ايس آء يوٽي ۾ ڪنھن بـ قسم جي سفارش نٿي ٻڌي وڃي ھر مريض کي ھڪ جيتري اھميت ڏني ويندي آھي ھن سفر سندس ساٿ ڏيندڙ ڊاڪٽر فريدا ۽ ڊاڪٽر نويدا پڻ تعريف جي لائق آھن جيڪي ڊاڪٽر اديب جي پيرسني بعد پوري اداري جو ڪاروونھوار سنبالي رھيون آھن ھن وقت ڊايئيلاسز جي ڇھ شفٽس تي پوري پاڪستان مان آيل مريضن جو ڊائيلاسزڪيو ويندو آھن ھر شفٽ تقريبن 100 مريضن تي مشتمل ھوندو آھي جن جو بنا ڪنھن سفارش جي ھڪ نظر سان سڀني کي ٽائيم تي گھرائي انھن جو ڊائيلاسز ڪيو ويندو آھي 24 ڪلاڪ فري ۾ 6 شفٽن ۾ ڊائيلاسز ڪيو ويندو آھي ھر روز ڪيترن ئي پٿري جي مريضن جو پڻ پنا ڪنھن معاوضي جي آپريشن پڻ ڪيو ويندو آھي ڊائيلاسز جي مريضن کي مفت ۾ مھانگيون دوائون پڻ مھيا ڪيون وينديون آھي ڊاڪٽر اديب رضوي پوري دنيا ۾ پاڪستان خاص ڪري سنڌ جو نالو روشن ڪري رھيو آھي ھن وقت ھو پاڻ پيرسني واري عمر ۾ آھي پر تنھن ھوندي ھر روز ايس آء يو ٽي ڪراچي جي مين برانچ ديوان فاروق اچي داخل مريضن سان ملاقات ڪندو آھي ۽ کين پيار ۽ شفقت سان سمجھائي مايوسي کان نجات ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو آھي ايس آء يو ٽي اداري کي پوري سنڌ ۾ وسيع ڪرڻ لاء پڻ ڪوششن ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي سرگرم آھي جنھن سلسلي ۾ ھنن جي ڪوششن سان ايس آء يوٽي سکر برانچ ايس آء يوٽي ڪرنگي برانچ ايس آء يوٽي گارڊن برانچ پڻ قائم ڪيا ويا آھن جتي پڻ ڀرپاسي جي علائقن جي مريضن جي سھولت خاطر ڊائيلاسز جو سلسلو شروع ٿي چڪو آھي ان کان علاوا ايس آء يوٽي لاڙڪاڻي سينٽر جو افتتاح پڻ ٿي چڪو آھ جتي ھڪ سال کان ٻن شفٽن ۾ تقريبن روزانو چاليھ کان مٿي غريب ۽ لاچار مريضن جي گردن جو علااج ڪيو يوندو آھي اتي ھڪ اھڙوـڊاڪٽر انچارج مقرر ڪيو ويو آھي جيڪو ڊاڪٽر اديب رضوي جي نقش قدم تي ھلندي ان جي ڪردار ونگر مريضن سان بلڪل پيار ۽ محبت ۽ شفقت وارو رويو رکندو آھي اھو آھي ڊاڪٽر رجب ديناري ڊاڪٽر رجب ديناري جو ھڪ بھترين ڪردارڀآھي اٿي ان شخص جي لاء پڻ لکڻ چاھيان ٿو جنھن کي جڏنھن لاڙڪاڻي سينٽر ۾ موڪليو ويو تـ ھو ڏاڍو خوفزدا ھيوبجنھن کي ذھن ۾ ڪجھ ماڻھن اھو ڀريوبھيو تـ لاڙڪاڻي جا ماڻھون وڏا جھيڙيڪار آھن ۽ لاڙڪاڻي ۾ بدامني آھي وغيرا وغيرا پر جڏنھن ھتي اچي ھن ڪم شروع ڪيو تـ کيس لاڙڪاڻي جي ماڻھن جي محبت ۽ مھمانوزاي ڏسي ھو لاڙڪاڻي جي سينٽر تي رھجي ويو اھو آھي گلگت مان آيل تفضل ڀائي تفضل ڀائي ھڪ ھونھار ۽ ھوشيار ۽ پنھنجي ڪم سان سچوانسان آھي جيڪو گردن جي مرض ۾ وڪوڙيل۔ مريضن جو ھڪ ڀاء وانگر خيال رکندو آھي آء پڻ گذريل چئن سالن کان ايس آء يو ٽي ڪراچي ايس آء يو ٽي سکر ۽ ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي مان پنھنجي جيون ساٿي پنھنجي گھرواري جو علاج ڊائيلاسز ڪرائي رھيو آھيان ڪراچي سکر ۽ ٻين شھرن جا ڌڪا کائڻ بعد ھاڻي سڪون تـ آھي تـ پنھنجي شھر ۾ ٿي رھيو آھي اھي ويچارا بـ خوش آھن جيڪي مون وانگر پنھنچن پيارن جو علاج مجبوريء سبب ڪراچي يا سکر مان ڪرائيندا ھئا پر ھتي ڪجھ کوٽ ضرور آھي ھڪ تـ لاڙڪاڻي جي سينٽر ۾ ايمرجنسي وارڊ نـ آھي جنھن سبب جيڪڏنھن خدا نـ ڪري ھلندڙ ڊائيلاسز دوران ڪنھن مريض جي طبيعت خراب ٿي تـ ان جو ڇا ٿيندو ان کان علاوا ليبارٽي ۾ پڻ سھولتون نـ جي برابر آھن ڊائيلاسز سبب۔ مريضن ۾ رت جي گھٽتائي جو اشو ھميشا رھي ٿو جنھن سبب مريض سخت مشڪلاتن جو منھن ڏسن ٿا لاڙڪاڻي جي سينٽر ۾ رت ڏيڻ ۽ ڪڍڻ جو ڪو بـ نظام نـ آھي ھڪ تـ ايس آء يو ٽي وارا ٻاھران آندل رت استعمال ناھن ڪندا ان جي ڪري جن مريضن ۾ رت جي گھٽتائي ٿيندي آھي تـ انھن کي لاڙڪاڻي جي سينٽر ۾ رت نـ ھجڻ جي ڪري سکر رت لڳائڻ لاء موڪليو ويندو آھي ان کان علاوا او پي ڊي پڻ ناھي کليل ايمرجنسي وارڊ پڻ اسٽارٽ ناھي ٿيل جنھن سبب ايندڙ مريض سخت مشڪلات ۾ آھن ڪجھ مھينا اڳ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران۔ اقائدا ھن سينٽر جو افتتاح ڪيو ھيو جنھن دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي آڏو اھو واعدو ڪيو ھيو تـ ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي جي سينٽر ۾ ھر سھولت ڏيندس ان جي ڪري اڄ کيس ان کي ان جو واعدو ياد ڏياريندي اھو چوندس تـ مرشد سائين ھڪ تـ لاڙڪاڻو شھيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جو اباڻو گھر آھي انجي ڪري اوھان کي پنھنجي واعدي تي عمل ڪرڻ گھرجي ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي جي سينٽر ۾ بنا دير تمام سھلتن سا ميسر ليڀارٽري جو قيام ڪيو وڃي ان کان علاوا ايمرجنسي وارڊ ۽ او پي ڊي کي پڻ کوليوـوڃي يورولاجي جا ماھر ڊاڪٽر مقرر ڪري پٿري جو علاج فورن شروع ڪندي داخلا وارڊ پڻ ٺاھيو وڃي جنھن لاء ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي سينٽر ڀرسان ھڪ سرڪاري پلاٽ پڻ موجود آھي اتي شھيد راڻي جي نالي سان اھا بلڊنگ منصوب ڪري ٺاھي ايس آء يو ٽي وارن جي حوالي ڪيو وڃي آء سمجھان ٿو تـ اھو پ پ پ جي سنڌ حڪومت لاء ڪو ڏکيو ڪم بـ نـ آھي لاڙڪاڻو ڊويزن پ پ پ جو قلعو آھي انجي ڪري لاڙڪاڻي ضلع جي عوام کي اڃا وڌيڪ صحت جون سھولتون ملڻ گھرجن انسان دوست فرشتي ڊاڪٽر اديب رضوي جا ھزارين شاگرد پڻ آھن جيڪي مختلف پرائيويٽ ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ گردي جي مريضن جو علاج ڪري رھيا آھن ڊاڪٽر اديب رضوي سندس ھن عظيم ڪم ۾ ايس آء يوٽي جي پوري ٽيم اسٽاف ڊڪٽرن نرسز ٽيڪنيشنز رسيپشنٽز ۽ آپا وغيرا مطلب تـ تمام ٽيم جو ڀرپور ڪردار آھي جنھن سبب چاليھ سالن کان ايس آء يوٽي عوامي خدمت ۾ رڌل آھي ان سان گڏ تمام مريضن ۽ پوري اسٽاف کي سنڀالڻ ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي جو ڊاڪٽر فريدا پڻ ڀرپور ساٿ ڏئي رھي آھي جيڪا پنھنجي سچي دل سان محنت ڪري رھي آھي ۽ ايندڙ مريضن سان انتھائي شفقت سان ملي سندن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪندي رھندي آھي ڊاڪٽر فريدا سان گڏ ڊاڪٽر منظور ملاح ڊاڪٽر صبور پاران ايس آء يو ٽي سکر سينٽر ۾ ۽ ڊاڪٽر رجب ديناري ۽ تفضل جيڪي ڊائيلاسز جي پاڻ نگراني ڪندا رھن ٿا ڊائيلاسز تي ھلندڙ مريضن کي کير کاڌو پڻ ڏنو ويندو آھي. اسان انھن صاحب حيثيت دوستن کي گذارش ڪنداسين جيڪي افطار پارٽين ۽ عيد ملن پارٽين تي لکين تي لکين روپيا روپيا خرچ ڪري صرف نالي لاء ۽ واھ وا خاطر پيسو لٽائي رھيا آھن انھن کي گھرجي تـ اھي سڀ کان پھريان پنھنجي غريب پاڙيسرين جي مدد ڪن ان کان پوء فلاحي ادارن ۾ پنھنجا زڪوات ۽ صدقي جا پيسا ڏئي انسانيت کي بچائڻ ۾ انھن مسيحا نما انسانن جو ساٿ ڏين جيئن اھي وڌيڪ قيمتي انساني زندگيون بچائي سگھن لاڙڪاڻي جي سرندي وارن کي گذارش ڪندس تـ ھن وقت ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي جي سينٽر ۾ ڊائيلاسز مشينون گھٽ ھجڻ جي ڪري اڃا سوين غريب مريض سکر ۽ ڪراچي وڃي گردن جو ڊائيلاسز ڪرائيندا آھن جيڪي انتھائي مشڪل ڪم آھي ان کان علاوا لاڙڪاڻي سينٽر ۾ ليباريٽري ۾ مشينن جي کوٽ پڻ الٽراسائونڊ مشين سميت تمام گھڻين شين جي ضرورت آھي انجي ڪري اھي پنھنجي زڪوات جا پيسا ۽ افطار ۽ عيد ملن لاء رکيل پيسا ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي جي لاء ڏين اللـ اوھان جي رزق ۾ خيربرڪت وجھندو رمضان مھيني ۾ زندگي لاء ويڙھ ڪندڙ ڊائيلاسز جي مريضن جي مدد لاء اڳتي اچو ڊاڪٽر اديب رضويء جو ساٿ ڏيو. Brohimajeed123@gmail.com










