لنڊن(ويب ڊيسڪ)برطانوي پوليس آفيسر کي عورت کي ڏاڍائي ۽ قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ تاحيات قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. خابرو ايجنسي موجب برطانوي عدالت خميس جي ڏينھن ڪيس جو فيصلو ٻڌايو جنھن ۾ 33 سالن جي عورت سارا ايورڊ کي جعلي گرفتاري کانپوءِ ڏاڍائي ۽ قتل جي ڪيس ۾ 48 سالن جي پوليس آفيسر کي تاحيات قيد جي سزا ٻڌائي وئي.33 سالن جي سارا ايورڊ نالي عورت برطانيا ۾ لاڪ ڊائون جي دوران گم ٿي وئي ھئي جنھن کانپوءِ برطانيا ۾ لاپتا ماڻھن متعلق تفتيش ۾ انھي ڪيس کي انتھائي اھميت حاصل ٿي جڏھن تھ واقعي کانپوءِ برطانيا ۾ احتجاج ڪيو ويو ۽ روڊن تي عورت کي تحفظ تي نئي بحث شروع ٿي وئي. رپورٽ موجب 48 سالن جي پوليس آفيسر وائن ڪوزنس لنڊن ميٽرو پوليٽين پوليس جي ايليٽ ڊپلوميٽڪ پروٽيڪشن يونٽ ۾ مقرر ھو جنھن جولائي ۾ عورت کي اغوا، ڏاڍائي ۽ پوءِ قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ھو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٻڌايو ويو تھ پوليس آفيسر وائن ڪوزنس عورت کي 3 مارچ تي زبردستي گاڏي ۾ ويھاريو جنھن کانپوءِ عورت جي لاش کي تقريبن 50 ميل پري جي علائقي مان برآمد ٿيو جڏھن تھ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اھا ڳالھھ سامھون آئي تھ عورت جو موت گھٽا ڏيڻ ۽ ساھھ ٻوساٽجڻ سبب واقع ٿيو. عدالت طرفان جوابدار کي تاحيات قيد جي سزا ٻڌائڻ کانپوءِ انھيءَ جي پيرول تي آزادي جو ڪوبھ امڪان ناھي. عدالتي فيصلي کانپوءِ مقتولا جي گھرڀاتين جو چوڻ ھو تھ ڪوبھ ھاڻي شين کي بھتر نٿو ڪري سگھي ۽ ڪوئي بھ سارا کي واپس نٿو آڻي سگھي پر جوابدار کي تاحيات قيد ھن کي ڪجھھ راحت ۽ سڪون فراھم ڪندو.










