اسپيڪر آغا سراج دراني تي فرد جرم لاڳو

اسپيڪر آغا سراج دراني تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين  جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي .سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جوابدارن جي انڪار کان پوءِ عدالت گواهن کي طلب ڪري ورتو آهي.جوابدارن ۾ آغا سراج دراني،  سندس گهر واري ناهيد دراني، پٽ آغا شهباز، ان جي ڀاءُ آغا مسيح الدين خان دراني به شامل آهن. آغا سراج دراني جي ڌيئرن صنم دراني، ساره داني تي به فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. جوابدارن طفيل احمدم ذوالفقار، آغا منور علي، غلام مرتضيٰ گل بهار، تي به فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. جوابدارن تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي.نيب ريفرنس موجب آغا سراج دراني هڪ ارب 61 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا آهن جن مان انهن ڪجهه جڳهيون وڪرو به ڪيون آهن. آغا سراج دراني جي غيرقانوني اثاثن ۾ گهر ۽ 35 گاڏيون شامل آهن ان جي لاڪر مان 350  تولا سون به هٿ آيو آهي.جوابدارن ۽ ٻين گهر ڀاتين وٽان 11 ڪروڙ روپين جون قيمتي گهڙيون به ريڊ جي دوران هٿ آيون  هيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو