نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن پنهنجي اسٽاف کي پاڪستاني جهازن ۾ سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.گڏيل قومن پاران اهڙو فيصلو شڪي لائسنس جي ڪري ڪيو ويو جنهن کانپوءِ گڏيل قومن پنهنجي اسٽاف کي افغانستان لاءِ رجسٽرڊ ائيرلائن ذريعي سفر ڪرڻ جي اجازت ڏني.ياد رهي ته ڪجهه مهينا پهرين هوابازي جي وزير غلام سرور خان قومي اسيمبلي ۾ چيو هو ته 262 پاڪستاني پائلٽس جا لائسنس ڪوڙا آهن.غلام سرور خان جي بيان کانپوءِ ڪوڙن يا شڪي لائسنس جي الزام تحت پاڪستان حڪومت ايئرلائنز(پي آءِ اي) جي 141 پائلٽس سميت 262 پائلٽس جي لسٽ جاري ڪئي هئي.شڪي لائسنس وارن پاڪستاني پائلٽس جو معاملو سامهون اچڻ بعد يورپي يونين، برطانيا ۽ آمريڪا پي آءِ اي جي اڏامن تي پابندي هئين.










