اسلام ڪوٽ: کنوڻ ڪرڻ سبب ٽي ڄڻا فوت، ٽي زخمي

اسلام ڪوٽ: کنوڻ ڪرڻ سبب ٽي ڄڻا فوت، ٽي زخمي

اسلام ڪوٽ)ن س) اسلام ڪوٽ ۾ وسندڙ برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب افسوسناڪ واقعو پيش آيو. ڳوٺ ڳڙهو ڪاڇيلا آڏي تڙ ڀرسان ٽريڪٽر سان کيڙي ڪرڻ کان پوءِ مزدور ڄار جي وڻ هيٺ آرام ڪري رهيا هئا ته اوچتو کنوڻ ڪرڻ سبب ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.واقعي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ تاج محمد شاهه، ساجن ميگهواڙ ۽ هڪ ننڍڙو ٻار شامل آهن.زخمين کي فوري طور اسلام ڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ٻن زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ سول اسپتال مٺي ريفر ڪيو ويو. زخمين ۾ راجيش ميگهواڙ، تيرٿ ميگهواڙ ۽ عمر اوٺو شامل آهن، جن جي حالت هاڻي سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن موجب، واقعي وقت ڄار جي وڻ هيٺ ڪل 13 ماڻهو ويٺل هئا، جيڪي برسات کان بچڻ لاءِ اتي پناهه ورتي هئي. کنوڻ ڪرڻ سان علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو