سيد زوار حسين شاه
اسلام آباد سيڪٽر آئي ٽين ۾ هڪ ٽيڪسي کي پوليس روڪڻ جو اشارو ڏنو جنهن بعد اچانڪ خودڪش ڌماڪو ٿيو جنهن بعد پنج پوليس اهلڪار پنج شهري زخمي ٿيا جڏهن ته باخبر ذريعن موجب هڪ جي شهيد ٿيڻ جا اطلاع به آھن جڏھن ته ٽيڪسي ڊرائيور سان هڪ ٻيو به خودڪش حملو ڪندڙ پاڻ کي ان پوليس پڪٽ وٽ اڏائي ڇڏيو , سوال اهو آهي ته اچانڪ اهڙا واقعه ڇو پيا ٿين ، ملڪ اندر هن وقت ڪهري صورت حال آهي ، سوال اهو به اهي ته ڇا ملڪ اندر سياسي استحڪام آهي يا نه ، برحال گذريل ستن مهينن کان وٺي جنهن جارحانه انداز سان ڪپتان کي وڏي پلاننگ تحت لاهي ، اهي جن مٿان ڪرپشن جا الزام ته ٺهيو پر ڪيترن ئي کي سزائون به مليل آهن انهن خير سان ضمانتون حاصل ڪري ، عيش عياشي ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪري رهيا آھن هي ملڪ اندر ڇا ٿي رهيو آهي ملڪ ڪيڏانهن پيو وڃي ، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف حقيقي آزادي جي نالي تي تاريخي لانگ مارچ شروع ڪيو جنهن دوران ڪيترائي تاريخي جلسه به منعقد ڪيا ، مان ته گهٽ م گهت ائين جلسا ناهين ڏٺا پر جهڙي طرح ڪپتان جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي اها بها سان جي اڳيان آهي ، ملڪ هن وقت مڪمل تباهي ڪناري تي پهتل آهي ، معيشت مڪمل تباهه لکين ماڻهون بيروزگار آهن لکين ماڻهن جي بنيادي حقن تي ڌارا هنيا پئي وڃن جنهن سان به ملڪ اندر عدم استحڪام نظر اچي رهيو آهي ، اهڙي صورت حال ۾ ملڪ دشمن به پاڪستان جي مجموعي صورت حال تي ڪڙي نظر رکي رهيا آهن جنهن جو مڪمل فائدو وٺندي پاڪستان جا حالات خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ، جڏههن ته هن وقت پي ڊي ايم جي تمام جماعتن جا اڳواڻ صرف پنهنجا ڪرپشن ڪيس ختم ڪرائڻ لاء هر ممڪن ڪوشش ڪري عجيب غريب فيصلا ڪري ڪپتان کي روڪي رهيا آهن جڏهن ته هن وقت به پي ڊي ايم جي اعلي قيادت کي اها به خبر آهي ته جڏهن به اليڪشن ٿيندي ، ڪاميابي ڪپتان کي ئي ملندي ان ڪري هو ڪڏهن به نه چاهيندا ته حالات سهي سمت طرف وڃن معيشت سهي ٿي ، هن وقت جيڪڏهن اسان پاڻ کي تبديل نه ڪيو ته پوء حالات وڌيڪ خراب ٿيندا ، جڏهن ته جتي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي پنجاب هو ان کي تحليل ڪري اليڪشن جو مطالبو ڪندا ته اهو به پي ڊي ايم جي لاء بهتر ناهي ، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ٿيل خودڪش ڌماڪي بعد مذامتي بيان جاري آهن ۽ هاڻ جيڪا آمريڪا ڪجهه هفتا اڳ ڳالهه ڪئي هئي ته سوات ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان تي اسان جي به نظر آهي ، اسان پاڪستان سان هر حال ۾ گڏ آهيون ، جڏهن ته هاڻ پاڪستان ۾ آپريشن به خير سان شروع ٿي چڪا آهن ، ۽ باقائده چيئرمين پ پ پ جناب بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير خارجه به بيان جاري ڪيو آهي ته ٽي ٽي پي کي فوري لعام ڏنو وڃي انهن جي چر پر تي نظر رکڻ گهرجي جڏهن ته وزيرعلي سنڌ به غير مليڪ رهندڙ پوء ان ۾ جيڪي به هجن انهن جي نيڪالي لاء حڪم نامه جاري ڪيا آهن اچانڪ هاڻ سڀ ڪجهه ٿئي پيو جيڪو پهرئين ڏينهن کان ٿيڻ گهرجي ، ، جڏهن ته نائين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي پاڪستان لاءِ ريڊ لائين آهي، جيڪڏهن ثابت ٿيو ته افغان طالبان ٽي ٽي پي کي نه پيا روڪين ته ان کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. واشگنٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته افغان طالبان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن ٽي ٽي پي کي نه روڪيو ته اسان جا لاڳاپا ٺيڪ نه رهندا، جيڪڏهن افغان طالبان کي شدت پسندن خلاف آپريشن ۾ مدد جي ضرورت هجي ته فراهم ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آمريڪا سان سهڪار تي ڪو نئون معاهدو ناهي ٿيو، افغانستان جي فنڊز واريون ڳالهيون طالبان لاءِ نه پر افغان عوام لاءِ ڪندا آهيون، طالبان آمريڪا ۽ دنيا سان به شدت پسندن گروپن خلاف ڪارروائي جا واعدو ڪيا. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا سان سفارتخاني جي ملڪيتي عمارت وڪرو ٿيڻ ضروري آهي، عمارت زبون حال آهي، ان تي ٽئڪس ۽ ٻيا خرچ تمام گهڻا لڳي سگهن ٿا پر نيويارڪ ۾ هوٽل کپائڻ جي حق ۾ نه آهيون. پاڪستان ۾ چونڊن بابت سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊون وقت تي ئي ٿينديون، عمران خان انڪري وقت کان اڳ چونڊون چاهي ٿو ته جئين ڌانڌلي ۾ مدد ملي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ادارا تڪرارن کان آئيني ڪردار طرف اچي چڪا آهن پر ڪجهه سياستدان آهن جيڪي نفرت پکيڙي رهيا آهن ۽ سياسي اختلاف کي دشمني جو رنگ ڏئي رهيا آهن. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چئي رهيو آهي ته هو پاڪستان جو پهريون پرڏيهي وزير آهيان جيڪو پنهنجي هوٽل جو بل پاڻ ادا ڪندو آهي. هو پنهنجي پرڏيهي دورن جي خرچن جو بار قومي خزاني تي ناهي وجهندو ۽ جيڪڏهن ائين ڪري ته اِهو پرڏيهي وزير طور سندس حق آهي. هن چيو ته منهنجن پرڏيهي دورن جو فائدو مهنجي ذات کي نه پر پاڪستان جي عوا م کي ٿيو آهي . وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪئي ويندي، ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج جي بي مثال قربانين جي ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابين کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هو ڪالهه خميس ڏينهن سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾ سي ٽي ڊي بنون آپريشن ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهائي رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن سي ايم ايڇ راولپنڊي سي ٽي ڊي ڪمپليڪس بنون آپريشن دوران زخمي ٿيندڙ آفيسرن ۽ جوانن جي عيادت ڪئي، وزيراعظم آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فوجين جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين پاڪستان جي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته اسان پرامن ۽ مستحڪم ماحول حاصل ڪرڻ تائين هر قسم جي دهشتگردن، انهن جي حامين ۽ همدردن جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم چيو ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪئي ويندي ۽ ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج جي بي مثال قربانين جي ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابين کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي . سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي لاءِ غيرقانوني طور تي ترسيل پرڏيهن کي واپس اماڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشنل برانچ ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته دهشتگرد تنظيمون ملڪ ۾ ٻيهر امن امان خراب ڪرڻ چاهين ٿيون. اسان پنهنجي ملڪ، صوبي ۽ شهرن ۾ دهشتگردن کي ٻيهر ڪر کڻڻ نه ڏينداسين. وڏي وزير انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جڏهن ته سنڌ پوليس ۽ ٻين انٽيليجنس ادارن ۾ ڪوآرڊينيشن وڌائڻ جو مڪينزم پڻ ٺاهيو ويو. وڏي وزير چيو ته سمورا انٽيلجنس ادارا روزاني جي بنياد تي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهن. وڏي وزير اسٽريٽ ڪرائيمز تي به پوليس کي اهم هدايتون ڏنيون. هن چيو ته پوليس ۽ رينجرز اسٽريٽ ڪرائيمز خلاف سخت ڪارروايون ڪنديون. هن ڊي جي رينجرز کي پيٽرولنگ وڌائڻ جي به هدايت ڏني جڏهن ته اسٽريٽ ڪرائيمز ۾ پراسيڪيوشن کي به وڌيڪ بهتر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ، برحال ملڪ اندر نه صرفر معيشت تباهه ٿي چڪي آهي سيڪيورٽي مسئلا اهن ، ملڪ اندر ڪو ڪاروبار ڪرڻ لاء تيار ئي ناهي ، ملڪ هن وقت هنن نااهل سياستدانن جي نااهلي ۽ غلط فيصلن جي ڪري دلدل ۾ ڦاسندو پيو وڃي پر سياستدان پنهنجي ڪيل غلطين تي پشيمان به انهين ، جڏهن ته جهڙا الزام هن قوت جي پي ڊي ايم يج قيادت وزيرن مٿان آهن جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ ائين الازام هجن هان ته اهي هن وقت جيلن ۾ هجن ها ، برحال مانس مجهان ٿو ته جنرل اليڪشن ئي ملڪ م استحڪام قائم ٿي سگهي ٿو پر مان گذارش ڪندس ته هي بحران ختم ڪيئن ٿيندو ، جيڪڏهن هن وقت آئين جو احترام نه ڪيو ويو ته مان سمجهان ٿو ته ملڪ خلاف ڪم ڪندڙ خواه پاڪستان ۾ هجن يا پاڪستان کان باهر هجن حالات خراب ٿيندا رهندا ، هن وقت اسلام آباد سڪيٽر آئي ٽين خودڪش ڌماڪي بعد بيان بازي ۽ صرف مذمت ڪيون ٿا مان ڪم نه هلندو ، اسان جي سياستدانن کي ملڪ جي بهتري لاء ڪم ڪرڻو پوندو ، مان گذارش ڪندس ته جنهن طرح سان سياستدان ڪم ڪن پيا اهو ڪنهن کان لڪيل ناهي ، ڪيترائي سياستدان عوام جي لاء ڪم نه پيا ڪن پاڪستان جي بهترين بقا لاء ڪم نه پيا ڪن ، جڏهن ته آئين موجود آهي اچو اليڪشن طرف ڌيان ڏيون ، اجائي بيان بازي کان گريز ڪيون.










