لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمرالزمان ڪائره جو چوڻ آهي ته اپوزيشن جي استعيفائن واري فيصلي سب لُڏي وئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ قمرالزمان ڪائره چيو آهي ته حڪومت 370 بجاءِ اپوزيشن سمورن ميمبرن کي به گرفتار ڪري پر پوءِ به لاهور جو جلسو ضرور ٿيندو ڇو ته حڪمران ڄاڻن ٿا ته لاهور جي جلسي کانپوءِ هنن جي بچيل ساک به ختم ٿي ويندي.هن چيو ته سرگرم ڪارڪنن جي گهرن تي پوليس چڪر هڻي رهي آهي پر اسان گهٻرائڻ وارن مان ناهيو، لاهور جي ڪيترن ئي عهديدارن کي پوليس طرفان ڌمڪي وارا فون اچي رهيا آهن.










