استاد جي بدلي خلاف ٻارڙا پڙهائي ڇڏي روڊ تي نڪري آيا

استاد جي بدلي خلاف ٻارڙا پڙهائي ڇڏي روڊ تي نڪري آيا

ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند) گورنمينٽ پرائمري اسڪول رحيم بخش رند جا سوين معصوم شاگرد ۽ شاگردياڻيون استاد جي بدلي جو ٻڌي پڙھائي ڇڏي ڪتابن سميت روڊ تي نڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو. اسڪول جي شاگردن شاگرداڻين ۽ ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته ھڪ پاسي سنڌ جي تعليم کاتي طرفان تعليم تي ايمرجنسي نافظ ڪئي ويئي آھي ته ٻئي پاسي ھٿ وٺي معصومن جي تعليم تباھ ڪئي پئي وڃي. جتي استادن جي گھرج آھي اتان استادن جي بدلي ڪرايو ڇڏين جتي پنج استاد ھجڻ کپن اتي ھڪ استاد به نٿو رکيو وڃي. ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته ماستر رحيم بخش رند جو گورنمينٽ پرائمري اسڪول 1965 کان اڳ جو ٺھيل آھي جيڪا مسلسل ھلندو پيو اچي جنھن کي ھن وقت سياسي بيت جي نظر چاڙھيو ٿو وڃي. اسڪول ۾ 150 شاگرد ۽ شاگرداڻيون داخل آھن ۽ ڪيترائي ھن اسڪول مان تعليم پرائي چڪا آھن. ھنن وڌيڪ چيو ته استاد آصف علي رند جي بدلي روڪرائڻ لاءِ ڳوٺ جي چڱن مڙسن ۽ نيڪ مردن توڙي ضلعي جي اعليٰ آفيسرن سان ڳالھ ٻولھ پڻ ڪئي پر ان هوندي ڳوٺاڻن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. شاگردن شاگرداڻين ۽ ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته سندن استاد جي بدلي روڪي ان کي واپس ساڳيئ اسڪول تي مقرر ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو