اسانجي سياست مبارڪن کان فاتحن تائين محدود ڇوآهي؟

ليکڪ  محمد خالد ميمڻ
اڄ ڪلھ سياستدان اوچتو ئي اوچتو سرگرم ٿي ويا آھن چوڌاري جتي ڏس اتي پراڻيون نيون عذرخواهيون شروع ٿي ويون آھن ان مان محسوس ٿو ٿئي ته شايد مڪاني ادارن جي اليڪشن ٿيڻ پئي وڃي انڪري جيڪي سياستدان وڏيرا ڀوتار اليڪشني چڱا مڙس گذريل ٽن سالن ۾ عوام وٽ ڪورونا يان ڪو ٻيو بهانو بڻائي اچن ئي نه پيا اهي گهرن,بنگلن,وڏن وڏن شھرن,ٻاهرين ملڪن مان پهچڻ شروع ٿي ويا آھن ۽ 3 سالن کان رهيل پراڻيون فاتحائون پيا ٿا ڪن ۽ تازي مرتئي ته جنازه نماز تي يان وري ٽن ڏينهن جي اندر ئي پهچڻ شروع ٿي ويا آھن انهن سياستدان وڏيرن ڀوتارن مان ڪجھ وري سياست کان هٽي ڪري به عوام سان ڀائپي وارو رستو رکي انهن جي ڏک سک ۾ ضرور شامل ٿيندا آھن جن جي لاء عام ماڻھن جي دلين عزت احترام هوندو آھي پر انهن ۾ به وري اگر ڪنهن کي ڪو سرڪار عهدو ملي ٿو وڃي ته اهو آسمان تي هليو ٿو وڃي جيئن اسان جي شھر ڀرسان هڪ رئيس پهريان تر جي عوام جي هر ڏک سک ۾ شامل ٿيندو هيو پر گذريل هڪ ڏيڍ سال کان ان کي هڪ سرڪار عارضي عهدو مليو آھي ته ڪم ته ڪم جي ماڳ مورڳو پاڻ صفا منظر تان ئي غائب ٿي ويو آھي ۽ اڳ هرهڪ جي فون اٽينڊ ڪندو هيو هاڻي وري فون تي ڪوڊ هڻي ڇڏيو اٿائين هاڻي ٿي سگهي ٿو اهو به ظاهر ٿئي چوڻ جو مطلب اهو آھي ته جن اڳواڻن کي اسان ووٽ ڏي ڪامياب ڪري اقتدار اعلي جي ڪرسي تي ويهاريون ٿا ۽ ڪاميابي جون مبارڪون ٿا ڏيون ته اهو اسان جي پهچ کان صفا پري هليو ٿو وڃي ۽ اليڪشن دوران جيڪي واعده اقرار ڪري ٿو اهي کيس کان وسري ٿا وڃن ۽ اهي وري جڏهن ٻي ڪا اليڪشن اچي ٿي ته فاتحن تي اچي ٿورو ڪن ٿا ۽ اسان عوام به اهڙا ته ساده مزاج آھيون جو سندن کان ووٽ وٺي گم ٿي وڃڻ وعده اقرار پورا نه ڪرڻ جو پڇڻ ته ٺھيو مورڳو انهن جي اڳيان وري اها ئي ڊانس ۽ انهن جي اهائي خدمت چاڪري ڪندي خوشي ٿا محسوس ڪيون ۽ اهو صرف ئي صرف اسان سنڌ جي عوام ۽ خاص طور سنڌي ماڻھن وٽ رواج آهي نه ته ٻين صوبن پنجاب يان سنڌ جي شھري علائقن ۾ ائين نه آھي اتي جو عوام خاص طور پنجاب جا ماڻهو پنهنجي چونڊيل نمائندن کان سوال ٿا ڪن انهن کان پڇن ٿا ته اوهان ووٽ وٺي ڇو ۽ ڪٿي گم هيئو اسان سان ڪيل وعده اوهان ڇو ڪونه پاڙيا آهن ۽ اهو سلسلو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندو ٿو اچي ان ڪري اتان جا چونڊيل نمائنده هاڻي سڌري ويا آھن ۽ اهي عوام سان ڪيل وعده پورا پيا ڪن ۽ عوام سان سندن واسطو هر وقت رهي ٿو ڇوته کين پوري طرح پتو آھي ته اگر اسان عوام سان رشتو ٽوڙيو ته عوام اسان سان واسطو ٽوڙيندي دير ڪونه ڪندو ۽ اسان جي جاء تي ٻين اڳواڻن کي ووٽ ڏيندي ۽ اقتدار جي ڪرسي اسان کان کسي ان تي ٻين کي ويهارڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪندا پر افسوس صد افسوس اسان جا سنڌي ڀائر رڳو ٺلهن نعرن ۽ ڪوڙن ڏٽن آسرن تي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ووٽ ڏيندا ٿا اچن ۽ اهي ئي اسان جي ووٽ تي ڪامياب ٿي ڪرسي جا مالڪ بڻجي اسان جي ئي مفادن جا اسان جي دشمنن سان سودا ڪيو پنهنجو ذاتي پيٽ ڀريو ۽ پنهجي مخصوص سندن جي حضوري ڪندڙن چند ماڻھن کي نوازي وري اليڪشن جي موقعي تي انهن ئي چند موقعي پرستن کي اڳيان ڪري نوان وعده ۽ اقرار ڪيو ووٽ وٺيو وري عوام جي ابتي کل پيا ٿا لاهين ۽ اهو طريقهء واردات تمام گهڻو پراڻو به ٿي ويو آھي پر پوء به اسان جا سنڌي ڀائر سمجهن ئي ڪونه ٿا ۽ چون ٿا ته ووٽ هنن جو حق آهي ووٽ شھيدن جي امانت آھي سو ووٽ انهن کي ئي ڏبو ۽ ائين پنهنجو قيمتي ووٽ انهن ئي عوام دشمنن کي ڏئي وري پنج پيا ٿا روئن ۽ پٽين ته اسان جا ڪم نه ٿا ٿين اسان جي سرسبز سنڌ کي اسان جي فلاڻي فلاڻي دشمنن تباه و برباد ڪري ڇڏيو آھي ۽ اصل انهن واڳن کي جيڪي هنن کان ووٽ حمايت وٺي سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪن ٿا انهن کي نه ٿا چون وري ڏوه وري علو ولو ٽلو تي ڏئي هروڀرو پٽڪو لايو ويٺا آھن انڪري خدرا سنڌي ڀائرو اک پٽيو ۽ پنهنجي دوست نما دشمنن کي سڃاڻيو ۽ جذباتي نعرن ۽ ڪوڙن ڏٽن آسرن ڪوڙن وعدن تي ووٽ وٺندڙن کي هاڻي سڃاڻيو ۽ کين پنهنجو قيمتي ووٽ نه ڏيو ووٽ سچن کرن صاف سٿرن اڳواڻن کي ڏيو يان پاڻ مان ئي اڳواڻ چونڊيو انهن کي ڪامياب ڪرايو ته جيئن اهي اقتدار اعلي جي ڪرسي تي ويهي اوهان جي مفادن وارا ڪم ڪن ۽ پنهنجا نه پر اوهان جا ڪم ڪن ته جيئن اوهان سک سان رهي سگهو ۽ اوهان کي پنهنجا بنيادي حق تعليم,صحت,امن و امان,روزگار,ڳوٺن شھرن جي پڪن رستن روڊن سميت ٻيا حق ملي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو