ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ٿيبديلي کي پ پ پ سنڌ  رد ڪري ڇڏيو

ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ٿيبديلي کي پ پ پ سنڌ رد ڪري ڇڏيو

عبدالمجيدبروھي
سنڌ کي سڪائڻ ۽ زرعي طور تي تباھ ڪري سنڌ واسين جو معاشي قتلام ڪرڻ جي لاء وفاق پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جون تياريون ٿي رھيون آھن ارسا ايڪٽ جي ترميم سان ھڪ اھڙو شخص ارسا چيئرمين مقرر ٿيندو جيڪو ڪجھ نـ ڄاڻ ھجڻ باوجود ارسا جا اھم فيصلا ڪري سگھي ٿو مثال طور تي ھن کي سنڌوء درياء جو پاڻي پنجاب کي ڏيڻ جو مڪمل اختيار ملي ويندو جنھن سان ھو سنڌو درياء تي ٺاھيل تونسا جھلم لنڪ ڪئنالن سميت ٻيا ڪئنال پڻ ٺاھڻ جي اجازت ڏئي سگھي ان کان علاوا صوبن پاران مقرر ڪيل ميمبرن کي ٻڌائڻ سندن کان پڇڻ بنا صوبن جو پاڻي گھٽ وڌ ڪري سگھي ٿو جنھن ورڇ تي صوبا راضي آھن ان مطابق ورڇ نـ ڪري تـ ان کان ڪير بـ پڇا نٿو ڪري سگھي ان ترميم سان سنڌ سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويندو سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي ڪلراٺي ٿي وينديون ان جي ڪري ئي پ پ پ جيڪا عوامي پارٽي آھي جنھن کي سنڌ جي ھارين آبادگارن ھميشا جيء ۾ جاء ڏي ووٽ ڪرايو آھي ھاري آبادگار پ پ پ سچائي سان ساٿ ڏين پيا سندن کي بـ پ پ پ پاران ڪڏنھن ناھي وساريو ٻوڏ بعد کين ٻڃ ۽ ڀاڻ لاء پيسا ڏنا ويا انـبعد کي ھاري ڪارڊ ڏنو پيو وڃي آء سمجھان ٿو جيڪو سندن حق پڻ آھي ھاڻي بـ جڏنھن کان ن ليگ جي وفاقي حڪومت پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو پلان جوڙيو آھي تـ سڀ کان پھريان ان جي نشاندھي پ پ پ پاران ڪئي وئي قومي اسيمبلي ۾ پ پ پ ايم اين اي سيدخورشيداحمدشاھ دنھوادار تقرير ڪندي چيو تـ اسان ڪنھن بـ صورت ۾ ان ترميم کي قبول نـ ڪنداسين ان کي اسيمبلي ۾ پاس ٿيڻ نـ ڏينداسين ان ترميم سان سنڌ تباھ ٿيندي بلوچستان کي اڳ ئي پاڻي کوٽ کي منھن ڏيڻو پئجي پيو ھاڻي وري سنڌ کي سڪائڻ جو پلان جوڙيو ويو آھي جيڪو قابل قبول نـ آھي سيد خورشيد شاھ جي نشاندھي بعد سنڌ جا ليکڪ اديب قلمڪار پوء جاڳيا ۽ اچي وٺ وٺان ۾ لڳي ويا آھن تـ اھو ڪم پ پ پ جي آشيرواد سان ٿي رھيو آھي آء پنھنجي انھن محترم اديبن کي گذارش ڪندس تـ جيڪڏنھن پ پ پ ان ۾ شامل ھجي ھا تـ پوء سرعام قومي اسيمبلي ۾ انجي مخالفت نـ ڪري ھا ۽ ڪالھ سنڌ اسيمبلي ۾ اينٽي ٿل ڪئنال جي سابق ڪنوينر پ پ پ سنڌ جي بھادر صدر نثاراحمد کھڙو پاران ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني تبديلي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪئي جنھن خلاف سڀني پ پ پ جي ايم پي ايز ووٽ ڪري ان ترميم خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير ڪري ان ترميم کي مڪمل طور تي رد ڪندي قراداد کي يڪراء سان رڊ ڪري ڏيکاريو آھي سائينجن کي گذارش آھي تـ سائينجن جيڪڏنھن پ پ پ ان ترميم جي حامي ھچي ھا تـ پوء ان جي خلاف سرعام قومي اسيمبلي ۾ اٿي بيھي مخالفت نـ ڪن ھا ۽ سنڌ اسيمبلي مان قراردادپاس نـ ڪرائين ھا اھي امڪان پڻ آھن تـ اڄ يا سڀاڻي ان امڪاني ترميم خلاف سنڌ اسيمبلي وانگر بلوچستان اسيمبلي مان بـ پ پ پ ۽ اتحادي قرارداد پاس ڪري ان کي رڊ ڪندا رھي ڳالھ صدر اسلامي جمھوريا پاڪستان آصف علي زرداري جي تـ ھو ان تي صحيح نـ ڪري سنڌ واسين جي لاء صدر زرداري کان وڌيڪ ڪير بـ قومپرست ۽ ھمدرد نـ آھي صدر زرداري ان ترميمي ايڪٽ تـ صحيح ھر گز نـ ڪندو پر صدر زرداري جي صحيح نـ ڪرڻ باوجود 15 ڏينھن بعد اھو قانون ۾ شامل ٿي ويندو پر سنڌ واسي بي فڪر ٿي وڃن صدر زرداري کان وڌيڪ ڪير بـ سنڌ دوست نـ آھي ۽ پ پ پ کان وڌيڪ ٻئي ڪا بـ پارٽي سنڌ جي ھارين جي لاء ويڙھ ناھي ڪندي جيسيتائين پ پ پ آھي تيسيتائين سنڌ خلاف ٿيندڙ ان ترميم کي ڪير بـ پاس نٿو ڪرائي سگھي قومي اسيمبلي کان ويندي سپريم ڪورٽ ۽ احتجاجن تائين وڃي پ پ پ ان سنڌ دشمن ترميم جي رستا روڪ ڪندي

پهنجو تبصرو موڪليو