ارجنٽينا:(ويب ڊيسڪ)ارجنٽائن جي نائب صدر ڪرسٽينا فرنينڊس قاتلاڻي حملي ۾ ذري گهٽ بچي وئي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب حملي وقت ڪرسٽينا فرنينڊس گهر جي ٻاهران پنهنجي سپورٽرز جي وچ ۾ موجود هئي ته اوچتو هڪ هٿياربند سندس مٿان فائر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.رپورٽ موجب حملي آور پستول ڪرسٽينا فرنينڊس طرف ڪري فائر ڪيو پر گولي نه هلي سگهي. جنهن سبب هو وڏي حادثي کان بچي وئي. خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب 35 سالا برازيلين شهري حملي آور کي پستول سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.










