اداڪارا روبي انعم کي دل جو دورو، اسپتال داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا روبي انعم دل جو دورو پوڻ تي کيس پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي (پي آءِ سي) ۾ داخل ڪيو  ويو آهي. مرڪون وکيريندڙ اسٽيج، ٽي وي ۽ فلم جي اداڪاره روبي انعم کي لاهور ۾ دل جو دورو پيو جنهن سبب کيس فوري طور تي پي آءِ سي نيو ويو. ڊاڪٽرن اداڪارا کي ابتدائي طبي امداد ۽ ٽيسٽ کانپوءِ کيس آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو. اداڪاره روبي انعم جي مڙس گلوڪار اظهر اقبال بٽ سندس پرستارن کان روبي انعم لاءِ دعائن جي اپيل ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو