لنڊن(ويب ڊيسڪ)پهريون ڀيرو اتر ڪوريا عالمي وبا ڪورونا سبب فوتگين جي تصديق ڪئي آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب اتر ڪوريا جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي ڪجهه علامتن سان گڏ 6 ڄڻا مارجي ويا، جن مان هڪ ۾ اومي ڪرون جي ذيلي قسم جي تصديق ٿي آهي.اتر ڪوريا جي رياستي ميڊيا جو چوڻ آهي ته 187,000،XNUMX کان وڌيڪ ماڻهن کي بخار جي علامتن سان اڪيلائي ۾ رکيو ويو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن اتر ڪوريا ۾ 18 هزار ماڻهن ۾ ڪورونا جون ڪجهه علامتون سامهون آيون هيون پر اتر ڪوريا اهو نه ٻڌايو ته ڪيترا ماڻهو ڪورونا مثبت آهن.اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان جو چوڻ آهي ته اڪيلائي وارن ماڻهن جو بخار سان علاج ڪرڻ اولين ترجيح آهي.اتر ڪوريا ۾ ڪورونا جي وبا پکڙجڻ سبب ايمرجنسي ۽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.










