ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ تباهه ٿيندڙ آبدوز بابت آمريڪي اخبار جو انڪشاف

ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ تباهه ٿيندڙ آبدوز بابت آمريڪي اخبار جو انڪشاف

واشنگٽن)ويب ڊيسڪ)آمريڪي اخبار ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ تباهه ٿيل آبدوز بابت نئون انڪشاف ڪيو آهي.آمريڪي اخبار انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪي بحريه کي آچر کان ئي ٽائيٽن جي تباهي جي اڳڪٿي هئي ۽ نيوي ان ڌماڪي کي سمنڊ جي اندر ڳجهي نظام مان رڪارڊ ڪيو هو.آمريڪي اخبار جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رڪارڊنگ آبدوز جي حرڪت مانيٽرنگ سسٽم ذريعي ڪئي وئي.آمريڪي بحريه جي آفيسر جو چوڻ هو ته ٽائيٽن جي گم ٿيڻ واري علائقي مان رڪارڊنگ ڪئي وئي ۽ اسان اها ڄاڻ ڪوسٽ گارڊ کي فراهم ڪري ڇڏي آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ٽائيٽينڪ جا باقيات ڏسڻ لاءِ آيل سياحن کي گم ٿيل آبدوز ٽائيٽن جا ملبہ ملڻ بعد آبدوز جي مالڪ ڪمپني اوشن گيٽ ٻن پاڪستانين سميت جهاز ۾ سوار سمورن پنجن ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو